اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سامونڊي طوفان جي اڳڪٿي کانپوءِ سول ايوي ايشن اٿارٽي ڪراچي ايئرپورٽ تي اڳواٽ قدمن جي هدايت جاري ڪري ڇڏي
پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق ڪراچي ۾ 60 کان 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ هوائن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن کان پوءِ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ايئر سائيڊ شعبي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته هلڪي وزن وارن هوائي جهازن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي يا ڪنهن مضبوط شئي سان ٻڌو وڃي
الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته رن ويز ۽ ٽارمڪ ايريا جي ڀرپاسي شين جي ٽڪراءَ جي خدشي سبب محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي. رن ويز طرف هر قسم جي کڏن کي ڀرڻ جو ڪم فوري طور مڪمل ڪيو وڃي