طوفان باءِ پر جوئي ٺٽي کان 800 ڪلوميٽر پري، سمنڊ ۾ وڃڻ تي پابندي

جُون 10, 2023

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾سامونڊي طوفان جي خطري سبب الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. سمنڊ ۾ ويل مهاڻا واپس اچي رهيا آهن.

د ڊي سي بدين ليٽر لکي  گذارش ڪئي ته ساحلي پٽي جي مختلف ھنڌن تي قائم ٿيلرينجرز چيڪ پوسٽ انچارجن کي هدايت ڪئي وڃي ته جيئن ھو ماهيگيرن کي سمنڊ ۾ شڪار تي وڃڻ کان روڪين.

  ڪمشنر حيدرآباد پاران به ھڪ ليٽر جاري ڪري بدين جي ساحلي پٽي سان لڳندڙ سمنڊ اندر مڇي جي شڪار تي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آھي.

  ٺٽي جي ضلعي انتظاميه پڻ هنگامي حالتون لاڳو ڪندي (اڄ) کان مڇي جي شڪار ڪندڙ مهاڻن کي سندن هوڙا ڪنارن تي بيهاري سمنڊ نه وڃڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

موسميات کاتي پاران ڄاڻايو ويو آهي ته 13 جون کان سنڌ ۽ مڪران جي ساحل ۾ طوفاني هوائن سان گڏ تيز برسات جي وسڪاري جو پڻ امڪان آهي.

120 کان 130 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آھن طوفان ٺٽي کان 800 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي.

ايندڙ 18 کان 24 ڪلاڪن دوران سامونڊي طوفان بپارجوئي جي رفتار ۾ شدت جي اچڻ جو امڪان آهي.

مهاڻن پاران پڻ وڏي پئماني تي ڪيٽي بندر جي مختلف سامونڊي تڙن جي ڪنارن تي هوڙن . لانچن ۽ ٻيڙين جي بيهارڻ جو پڻ سلسلو شروع ٿي ويو آهي

Leave A Comment