ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) عربي سمنڊ مان اٿيل سامونڊي طوفان بائپر جواءِ ڀارتي رياست گجرات سان ٽڪرائجي ويو، ڀارتي ميڊيا موجب دوارڪا ۽ مورٻي وچ ۾ طوفان جي ٽڪرائجڻ کانپوءِ تيز هوائون لڳڻ شروع ٿي ويون،
ڄاڻايل علائقن مان هڪ لک ماڻهو لڏائڻ ڪري ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو. ٻئي طرف ڀارتي موسميات کاتي موجب گانڌي نگر ۾ طوفان سبب هوائون 115 کان 125 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گھلي رهيون آهن
جڏهن ته دوارڪا ۾ تيز هوائن سبب وڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 شهري زخمي ٿي پيا. جاکائو ۽ مانڊوي ۾ وڻ ۽ بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا، جڏهن ته ٽين جون ڇتون اڏامي ويون. منجهند جو ڪيٽي بندر کان 130 ڪلوميٽرن تي موجود طوفان شام ڌاري 145 ڪلوميٽرن تي رپورٽ ٿيو
ڪراچي سميت سنڌ جي ڏاکڻي پٽي کان ٽري ويل طوفان ڪيتريون ئي آفتون پاڻ سان کڻي ويو، جڏهن ته سڄو ڏينهن وقفي وقفي سان ڪراچي جي ڊفينس، صدر، گلشن اقبال، نيو ڪراچي، ڪياماڙي ۽ ٻين علائقن ۾برسات جو سلسلو جاري رهيو
هوڏانهن ڪراچي ۾ سامونڊي لهرن ۾ چاڙهه سبب هاڪس بي ويجهو پاڻي روڊ تي مڇلي چوڪ تائين اچي ويو، منهوڙي وارو رستو پڻ جزوي طور بند ٿي ويو، سينڊز پٽ واري هنڌ تي لهرن ۾ چاڙهه سبب پاڻي روڊ تي اچي ويو هو
بدين جي مختلف شھرن سميت ساحلي پٽي ۾ تيز ھوائن سان گڏ برسات پئي. جنهن سبب ساحلي پٽي جي ڳوٺن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو. ضلعي انتظاميه موجب تيز هوائن سان سمنڊ جي لهرن ۾ به تيزي اچي وئي آهي، سامونڊي پٽي جا سوين گھر پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن
هوڏانهن راڄوخاناڻي، ڪڙيوگهنور ملڪاڻي شريف، ٽنڊوباگو، ڏيئي ۽ آس پاس ٽئين ڏينهن به وقفي وقفي سان زوردار برسات جاري رھي، ٻئي طرف ميرپورخاص، مٺي، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، عمرڪوٽ، ڪنري، ڍورونارو، ميرواهه گورچاڻي، ڄام صاحب، شاهپورچارڪر، پڊعيدن، گپچاڻي، ٽنڊو آدم،کڏڙو،ورڪشاپ، دوڙ، ڪوٽ غلام محمد ۾ برسات پئي
ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊوغلام حيدر ۾ طوفاني تيز هوائن سان برسات جو وسڪارو ٿيو، ٿاڻي بولاخان تعلقي جي مختلف ڳوٺن ٿاڻو احمد خان، مھندا پالاري، ڌماچ، ڳوٺ علي مراد باريجو ، پوکڻ ، لوياڇ، سري ،ريڪ ڪرچات، ٿاڻوعارب ۽ ٿاڻوبولاخان ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪي برسات پئي
ھالا جي مختلف علائقن ۾ تيز ھوا سان گڏ برسات پوڻ سبب پاڻي بيهجي ويو، جهڏي ۾ کنوڻ سبب هاري 70 سالن جو منگهو ڪولهي فوت ٿي ويو