ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سامونڊي طوفان سبب لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن کي سرڪاري اسڪولن ۾ ترسائڻ واري فيصلي بعد سيڪريٽري تعليم پاران بدين، ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي ڊي اِي اوز کي امدادي ڪيمپ قرار ڏنل اسڪولن جو فرنيچر محفوظ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي
ان حوالي سان سيڪريٽري تعليم ڄاڻايل ضلعن جي ڊي اي اوز کي چتاءُ ڏنو ويو آهي ته متاثرن جي رهائش دوران اسڪولن جو فرنيچر خراب ٿيڻ جا ذميوار ٽي اِي اوز ۽ هيڊ ماستر هوندا
سيڪريٽري اڪبر لغاري چيو آهي ته گذريل سال ٻوڏ متاثرن کي اسڪولن ۾ ترسائڻ دوران فرنيچر خراب ٿيو هو، هن ڊي اي اوز کي هدايت ڪئي ته اسڪولن جو فرنيچر هڪ يا ٻن ڪمرن ۾ محفوظ رکيو وڃي