طوفان ٽري ويو، ويرن جي ڪري ويران بڻيل وسنديون وري وسڻ لڳيون

جُون 17, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) طوفان جو خطرو ٽري وڃڻ بعد ساحلي پٽيءَ ۾ زندگي ٻيهر معمول تي اچڻ لڳي آهي، لڏي ويل ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن واپس ورڻ لڳا آهن

لڏپلاڻ سبب ويران ٿي ويل ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، جوهو ۽ ٻيا شهر  ٻيهر آباد ٿيڻ لڳا آهن، رليف ڪيمپس ۽ محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ ماڻهو واپس اباڻن پڊن تي پهچڻ لڳا آهن

هي به پڙهندا

بدين، سيراڻي، ڀڳڙا ميمڻ ۽ سجاول جي ساحلي علائقن مان لڏي ويل ماڻهو به پنهنجن گهرن ڏانهن واپس اچي رهيا آهن

 ڊي سي ٺٽو غلام فاروق سومرو چيو آهي ته گهرن ڏانهن واپس ٿيندڙ متاثرين کي هڪ هفتي جو راشن به ڏنو ويندو، راشن رليف ڪيمپس ۾ رجسٽر ٿيل 24 هزار متاثرين کي فراهم ڪيو ويندو

Leave A Comment