ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) انتظاميا طوفان کان ته ماڻهن کي بچائي ورتو آهي پر ڪيمپن ۾ کاڌي پيتي سوڌو بنيادي سهولتون ناهن ڏنيون ويون
ٺٽي، بدين، جاتي، ڪيٽي بندر سوڌو مختلف علائقن مان منتقل ڪيل ماڻهو ڪيمپن ۾ سهولتون نه ملڻ جون دانهون ڪري رهيا آهن
جاتي جي سرڪاري اسڪول ۾ قائم عارضي ڪيمپ ۾ ترسيل جاتي جي ڳوٺ غلام حسين بوهڙي جي رهواسي نور محمد چيو آهي ته شام 4 وڳي اسان کي چيو ويو ته ڳوٺ خالي ڪريو، انتهائي خطرناڪ طوفان اچي رهيو آهي، اسان جي ذهن ۾ 1999ع وارو سامونڊي طوفان طاري هو جنهن ڪري اسان اتان نڪرڻ تي مجبور ٿياسين
سج لٿي انتهائي خوف واري حالت ۾ پنهنجي علائقي مان بي گهر ٿيندڙ 5 ٻارن جي والد بيوسي واري حالت ۾ ٻڌايو ته اڃا تائين حڪومت پاران ڪجهه ناهي مليو، معصوم ٻارن کاڌو ناهي کاڌو، عهديدر اچن ٿا ۽ پڇا ڪري هليا وڃن ٿا هن وقت تائين ڪا به امداد فراهم ناهي ڪئي وئي
هن چيو ته اسان جي ڳوٺ جا 100 کان وڌيڪ ماڻهو ڪيمپ ۾ موجود آهن حڪومت صرف انتظار ڪرائي رهي آهي، ڪيمپ ۾ بجلي جي سهولت ناهي، صرف هڪ واش روم آهي
جاتي جي ڳوٺ حاجي جمعو جي رهواسڻ نور بانو چيو آهي ته اسان جو ڳوٺ سمنڊ ويجهو آهي ان ڪري هتي اسان کي آندو ويو آهي پر ڪا به سهولت ميسر ناهي، 5ٻارن جي ماءُ نور بانو ٻڌايو ته سندس خاندان جا 8 ماڻهو ڪيمپ ۾ موجود آهن
گهوڙا ٻاري جي پرائمري اسڪول ۾ قائم ڪيل ڪيمپ ۾ موجود نور احمد دانهيندي چيو ته اسان کي منجهند جو ڳوٺ مان زوري هتي منتقل ڪيو ويو پر کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه ناهي ڏنو ويو، 30 ڀاتين تي ٻڌل خاندان کي ڪيٽي بندر کان هن ڪيمپ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، ڪيمپ ۾ بجلي ۽ پاڻي سوڌو ڪا به سهولت ناهي ڏني وئي