حڪمرانن جو معاشي فلسفو هاڻي ايترو ته چٽو ٿي چڪو آهي، جو ملڪ جي هر کوٽ، هر خساري ۽ هر ناڪاميءَ جو بار سڌو سنئون عوام جي ڪلهن تي منتقل ڪرڻ ئي حڪومتي پاليسي جو بنيادي اصول بڻجي ويو آهي. حڪومت جي آمدني وڌائڻ جو سڀ کان آسان رستو اهو سمجهيو وڃي ٿو ته عوام تي نوان ٽيڪس مڙهيو، پراڻا ٽيڪس وڌايو ۽ روزمره جي استعمال وارين شين جون قيمتون وڌائي عوام جي کيسي مان گهڻي کان گهڻي رقم ڪڍي وڃي. سوال اهو آهي ته آخر اها خساري جي ڪهڙي کڏ آهي، جيڪا اربين، کربين رپيا اوڳاڙڻ باوجود ڀرجڻ جو نالو ئي نٿي وٺي؟
پيٽروليم شين تي لاڳو ڪيل ليوي ان عوام دشمن معاشي پاليسي جو سڀ کان وڏو مثال آهي. مولانا فضل الرحمان به پيٽروليم شين تي اوڳاڙجندڙ ليوي کي هڪ بيان ۾ “ڀتو” قرار ڏئي چڪو آهي. لفظ سخت ضرور آهي، پر عوام جي معاشي حالت کي ڏسجي ته ان ۾ موجود ڪاوڙ کي سمجهڻ ڏکيو ناهي. جڏهن رياست عوام کان هر ليٽر ٻارڻ تي ڳري رقم اوڳاڙي، پر ان جي موٽ ۾ بهتر صحت، تعليم، روزگار، ٽرانسپورٽ، بجلي، پاڻي ۽ امن جهڙيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، ته پوءِ عوام جي اندر بيزاري ۽ بي اعتمادي پيدا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. حڪومت جي دعويٰ هوندي آهي ته ٽيڪس ۽ ليوي ملڪ جي معاشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ضروري آهن. پر عوام جو سوال به ايترو ئي جائز آهي ته انهن ٽيڪسن جو حساب ڪٿي آهي؟ جيڪڏهن عوام هر شيءِ تي ٽيڪس ڏئي رهيو آهي، پيٽرول تي ٽيڪس ڏئي ٿو، ڊيزل تي ٽيڪس ڏئي ٿو، بجليءَ جي بلن ۾ مختلف چارجز ادا ڪري ٿو، گيس تي سرچارج برداشت ڪري ٿو، خريداري تي ٽيڪس ڏئي ٿو، ته پوءِ رياست جي ذميواري ڪٿان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪٿي ختم ٿئي ٿي؟
پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن جو معاملو ته صورتحال جي سنگيني کي وڌيڪ نمايان ڪري ٿو. پيٽرول جي اصل قيمت کان مٿانهين مجموعي طور 130 رپيا 75 پيسا مختلف ليوين، ٽيڪسن ۽ مارجنز جي صورت ۾ عوام کان وصول ڪيا پيا وڃن. هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي به 122 رپيا 47 پيسا في ليٽر مختلف مدن ۾ اوڳاڙيا وڃن ٿا. ڊيزل جي بنيادي لاڳت 245 رپيا 82 پيسا آهي، جڏهن ته ان جي وڪري جي قيمت 368 رپيا 29 پيسا في ليٽر مقرر ٿيل آهي. يعني هڪ عام شهري جڏهن گاڏيءَ ۾ ڊيزل وجهرائي ٿو ته هو رڳو ٻارڻ جي قيمت ادا نٿو ڪري، پر ان سان گڏ حڪومتي ٽيڪسن، ليوين ۽ مختلف مارجنز جو به وڏو بار پنهنجي مٿي تي کڻي ٿو. ڊيزل مهانگو ٿيندو ته ٽرانسپورٽ مهانگي ٿيندي، زرعي مشينري جي لاڳت وڌندي، فصلن جي پيداوار مهانگي ٿيندي، شين جي ترسيل جا خرچ وڌندا ۽ هر شيءِ جي قيمت عام صارف کي ادا ڪرڻي پوندي. مهانگائي، بيروزگاري، گهٽ آمدني ۽ وڌندڙ خرچن جي وچ ۾ جڏهن پيٽروليم شين تي مسلسل اضافي بار وڌو وڃي ٿو ته ان جو مطلب اهو ئي نڪري ٿو ته حڪومت عوام جي معاشي تڪليف کي پنهنجي پاليسين ۾ ڪا خاص اهميت نٿي ڏئي.
ملڪ جي معاشي بحران جو حل عوام کي نپوڙڻ ۾ ناهي. خسارو گهٽائڻ لاءِ حڪمرانن کي پنهنجي غيرضروري خرچن، مراعات، سرڪاري فضول خرچي، بدانتظامي ۽ ڪرپشن تي ضابطو آڻڻو پوندو. رياست جيڪڏهن هر ناڪاميءَ جو بل عوام ڏانهن موڪليندي رهندي ته عوام وٽ آخر ڇا بچندو؟ عوام ٽيڪس ڏيڻ کان انڪاري ناهي، پر هو پنهنجي ٽيڪس جي بدلي ۾ جوابدهي، سهولتون ۽ بهتر حڪمراني گهري ٿو. حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي ته عوام ڪا اي ٽي ايم مشين ناهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت عوام کان وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙڻ بدران پنهنجي خرچن ۽ پاليسين جو حساب ڏئي. آخر اها خساري جي ڪهڙي کڏ آهي، جيڪا عوام جي کيسي مان اربين رپيا ڪڍڻ باوجود ڀرجي نٿي؟ جيڪڏهن ان سوال جو جواب حڪمرانن وٽ ناهي ته پوءِ عوام کان وڌيڪ قربانيون گهرڻ جو اخلاقي جواز به باقي نٿو رهي. رياست جو ڪم عوام کي نپوڙڻ نه، پر عوام کي سهارو ڏيڻ آهي.