Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_svvpuvk70m314sb50ngh48htn1, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ظلم به رهي ۽ امن به هجي؟ ... محمد فاروق - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ظلم به رهي ۽ امن به هجي؟ ... محمد فاروق - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

ظلم به رهي ۽ امن به هجي؟ … محمد فاروق

اهو چوڻ ته تمام ڏکيو آهي ته مستقبل جو تاريخ نويس اسان جي هلندڙ دور بابت ڪهڙي راءِ ۽ نظريو ٿو ترتيب ڏئي پر اها ڳالهه صحيح آهي ته هو اسان جي زماني جي جن انسان سوز واقعن کي پنهنجي تجربي ۽ تبصري ۾ شامل ڪندو ان ۾ ڪشمير جو مسئلو يقيني طور واضح ۽ اولين درجي تي هوندو. ان جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته سائنسي ۽ فني اعتبار سان اسان جي موجوده نسل بي پناهه ترقي ڪئي آهي ۽ اهو ان ترقيءَ کي حيرت جي نظر سان به ڏسي ٿو پر سچي ڳالهه اها آهي ته اخلاقي طور انساني قدرن جي واڌاري ۽ استحڪام لاءِ اسان هڪ ٻئي جي سامهون شرمنده ئي نه آهيون پر بيوس نظر اچون ٿا. جيتوڻيڪ عالمي برادري ۽ ادارا امن جو پرچار ڪندا آهن ان بابت جمهوريت يعني اڪثريت جي راءِ کي معتبر سمجھيو ويندو آهي پر ڪيتري نه افسوس جھڙي ڳالهه آهي ته ترقي پذير ملڪ جيڪي اصل ۾ غريب ملڪن جي فهرست ۾ ڳڻيا ويندا آهن، ڄاڻايل ملڪن ۾ آمريت ۽ غير جمهوري عنصرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پردي پويان ڳجھي لائحه عمل تحت هڪ اهڙي اکٻوٽ راند ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ سڀ ڪجھه نظر اچڻ باوجود ڪجھه به نظر ناهي ايندو. ان تناظر ۾ رياست ڄمون ۽ ڪشمير هڪ نهايت قابل ذڪر مثال آهي.
عالمي سياسي ۽ سفارتي حالتن جي مطالعي مان اها حقيقت واضح ٿئي ٿي ته 1974ع ۾ جڏهن ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند تان برطانوي قابض حڪمرانن موڪلاڻيءَ جو فيصلو ڪيو ته هنن پنهنجي ماضيءَ جي روايتن موجب هتي به ڪيترائي اهڙا مسئلا ڇڏيا جيڪي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار ۽ ٽڪراءَ جو سبب ثابت ٿيا. اها نفرت ۽ دشمنيءَ جا اهڙا ٻج هئا جن جي نتيجي ۾ هتي امن ۽ ترقي ظاهر ئي نه ٿي سگھي. برطانوي ايجنڊا موجب ننڍي کنڊ جي ٻين رياستن جيان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير رياست ۾ به ان امر لاءِ راءِ شماري لازمي هئي ته هتان جو عوام ڀارت ۽ پاڪستان مان ڪنهن سان پنهنجو سياسي مستقبل وابسته ٿو ڪرڻ چاهي. اهڙيءَ ريت اها ڳالهه به واضح هئي ته والاريل رياست ۾ بي شڪ مسلمانن جي آبادي اڪثريت تي ٻڌل هئي ۽ انهن جو يقيني ۽ کليل فيصلو پاڪستان جي حق ۾ هو. جڏهن واديءَ جي عوام کي ان جي سياسي حق کان محروم ڪيو ويو ته پنهنجي تاريخ ۽ روايت موجب احتجاج ۽ مزاحمت جي جيئري جاڳندي تصوير بڻجي ويا. اهڙي صورتحال ۾ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پنهنجي توسيع پسنداڻي “جارحاڻي ۽ اسلام دشمن ذهنيت جو ناقابل ترديد ثبوت ڏيندي پنهنجون فوجون والاريل وادي تي پنهنجو غير قانوني قبضو ڄمائڻ لاءِ ڄمون ۽ سرينگر روانيون ڪيون. گذريل ستن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي دوران ڀارت والاريل واديءَ تي هٿياربند يلغار جاري رکي پر واديءَ جي عوام به 9 لک وحشين اڳيان احتجاج ۽ مزاحمت جي ڀرپور مظاهري سميت هر سال سڄي دنيا ۾ ڪشميري 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائيندا آهن.
ڀارتي فوج واديءَ جي مسلمانن جي آباديءَ کي قتل و غارت سان گھٽ ڪرڻ جا جيڪي جارحاڻا ۽ سفاڪاڻا قدم کنيا آهن انهن جي نتيجي ۾ جنوري 1989ع کان گذريل مهيني يعني سيپٽمبر 2020ع دوران ڀارتي سڪيورٽي فورسز گھٽ ۾ گھت 95 هزار 686 پرامن ۽ بي هٿيار ڪشميري عوام کي شهيد ڪيو جڏهن ته 7 هزار 147 ماڻهن کي ان وقت تشدد ڪري شهيد ڪيو ويو جڏهن هو ڄاڻايل سيڪيورٽي فورسز جي تحويل ۾ هئا. اهڙيءَ ريت گرفتار ٿيل ماڻهن جو انگ 1 لک 61 هزار کان وڌيڪ آهي جڏهن ته ڊاهيل گھرن، دڪانن ۽ ٻين عمارتن جو انگ 1 لک 10 هزار 367 آهي. هن وقت تائين ان غاضب ۽ جابر سيڪيورٽي فورسز هٿان 22 هزار 920 عورتون بيوهه ٿيون آهن جڏهن ته يتيم ٿيندڙ معصوم ٻارن جو انگ 1 لک 78 هزار کان وڌيڪ آهي. هنن انگن اکرن ۽ انڪشافن جي روشنيءَ ۾ اهو امر به نهايت ڳڻتيءَ جوڳو آهي ته والاريل وادي ۾ اوچتو گم ٿيندڙ ماڻهن جو پتو انهن جي مائٽن کي قانون ۽ سماجي مدد ڪندڙ هڪ تنظيم Association of Parents of Disappeared Persons (APDP) موجب هن وقت تائين8 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي قابض ڀارتي عملدارن غائب ڪيو آهي. هتي اها ڳالهه به ذڪر لائق آهي ته سيپٽمبر 1990ع ۾ نئين دهلي حڪومت ڄمون ۽ ڪشمير آرمڊ فورسز اسپيشل پاور ائڪٽ AFPSA)) لاڳو ڪيو هو جنهن تحت والاريل ڪشمير ۾ مقرر هٿياربند فوج کي ڪشميري عوام جي گمشدگيءَ بابت ڇوٽ ڏني وئي هئي. ڄاڻايل تنظيم جو چوڻ آهي ته اهو ائڪٽ لاڳو ڪرڻ کان پهريان ئي قابض سيڪيورٽي عملدارن پنهنجون سفاڪاڻين ڪاررواين جو سلسلو جاري رکيون پي آيا. مهذب دنيا ۾ ان ڳالهه تي به حيرت جو اظهار ڪيو ويندو آهي ته ايئن ته هر ڀارتي حڪومت عالمي راءِ عامه جي سامهون پنهنجي هٿ ٺوڪي ۽ غلط پروپئگنڊه جي مدد سان والاريل واديءَ جي احوالي ڳجھو رکيو پر مودي سرڪار ان سلسلي ۾ هر حڪومت جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي تنهن ڪري تازو ئي گڏيل قومن ڀارتي حڪومت کان ٻه ڀيرا اصرار ڪيو ته ڏاڍ رستي گم ٿيل ماڻحن ۽ واديءَ ۾ ملندڙ اجتماعي قبرن واري معاملي جو پتو لڳايو وڃي. اهڙيءَ ريت ڪجھه وقت اڳ نئين دهلي ۾ انساني حقن جي رياستي ڪميشن (SHRC)کي بند ڪرڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو ويو ان تي نظرثاني ڪئي وئي. ان عالمي تبصري ۽ تجزئي باوجود موجدوي سرڪار جي ڪنن تي جونءِ به نه سُري. اهڙي ئي هڪ مشهور ڪشمير اڳواڻ شيخ عبدالله (مرحوم) جي پٽ ۽ والاريل واديءَ ۾ ڀارت جي ڪٺ پتلي وزيراعليٰ فاروق عبدالله حالتن جي جبر ۽ ڪڙين حقيتن کان متاثر ٿي پنهنجي هڪ ٽي وي انٽريو ۾ ڇٽن لفظن ۾ چيو هو هڪ زماني ۾ والاريل واديءَ جو عوام ڀارتي هڪومت ۽ عوام کي پنهنجو همدرد ۽ دوست سمجھندو هو پر هاڻي صورتحال بلڪل بدلجي وئي آهي. واواريل واديءَ جي هٿين خالي ۽ بي وس عوام هاڻي مودي سرڪار جي حڪومت دبران چين جھڙي طاقت جي اثر هيٺ رهڻ کي اوليت ٿو ڏئي. ان دوران ان سوال مان هاڻي مهذب دنيا ۽ عالمي راءِ عامه اکيون چورائي نٿي سگھي ته “ظلم به رهي ۽ امن به هجي.”

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *