عادلپور ويجهو امن ميلو: ڪوڏي ڪوڏي جا زبردست مقابلا

عادلپور ويجهو امن ميلو: ڪوڏي ڪوڏي جا زبردست مقابلا

عادلپور (ن پ ا ) عادلپور ويجهو ڳوٺ ڊراڳو چاچڙ ۾ امن ۽ ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ شاندار “امن ميلو” منعقد ڪيو ويو. امن ميلو  حاڪم علي چاچڙ ۽ همت علي چاچڙ جي  نگرانيءَ هيٺ لڳايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي روايتي ثقافتي راند ڪوڏ ڪوڏي جا وڏا مقابلا ٿيا. هن ميلي جي خاص ڳالهه سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي نامور ٽيمن جي ڀرپور شرڪت هئي. پهلوانن پاران ڪوڏ ڪوڏي جا بهترين جوهر ڏيکاريا ويا، جنهن تي رنگا رنگ ميلي ۾ موجود سوين شهرين ۽ راندين جي شوقينن تاڙيون وڄائي رانديگرن کي ڀرپور داد ڏنو. ميلي ۾ آيل مهمانن ۽ علائقي جي معزز شخصيتن پاران اهڙي صحتمند سرگرمين جي واکاڻ ڪندي چيو ويو ته اهڙا پروگرام وقت جي ضرورت آهن. رپورٽ مطابق، تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اهڙن ميلن جي انعقاد سان نه صرف اسان جي ثقافتي راندين کي بقا ملي ٿي، پر مختلف صوبن مان آيل رانديگرن جي ميل ميلاپ سان محبت، امن ۽ ايڪي جو پيغام پڻ عام ٿئي ٿو. ميلي جي پڄاڻي تي منتظمن پاران پوزيشن ماڻيندڙ ٽيمن ۽ رانديگرن ۾ نقد انعام ۽ يادگيري طور ٽرافيون پڻ ورهايون ويون.