عادلپور ويجھو عورت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت، 4 ڄڻا زخمي

عادلپور ويجھو عورت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت، 4 ڄڻا زخمي

عادلپور (ن پ ا) عادلپور ويجهو ڳوٺ آدھو مھر ۾ ھٿيار بندن پاران عورت کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت تي 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾  فضيلا مهر،فائزا مهر ،عبدالروف مهر ،جيئد مهر شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان حوالي سان جيئند مھر، عبدالرؤف مھر ۽ عبدالرحيم مھر پريس ڪلب عادلپور پهچي احتجاج ڪندي چيو ته پنھنجي برادري جي هٿياربندن اسان جي گھر تي چڙهائي ڪري عورت فضيلا مهر کي اغوا  ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدارن اسان کي زخمي ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.