عارف جتوئي، شميم آرا پنهور، ارسلان تاج، خرم دستگير، يار محمد رند، محسن رانجها چونڊن لاءِ نااهل قرار
مارچ 27, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ۾ مالي سال 23/2022ع جي اثاثن ۽ گوشوارن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي 10 اڳوڻن، سنڌ اسيمبلي جي 7 ۽ بلوچستان اسيمبلي جي 7 اڳوڻن ميمبرن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ بابت ڪيس جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. تفصيل جمع نه ٿيڻ تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا اڳوڻا ميمبر عام چونڊن، ضمني چونڊن ۽ سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندا، خرم دستگير خان، محسن نواز رانجها، محمد عادل، رانا محمد اسحاق خان، ڪمال الدين ۽ عصمت الله کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن ثمينه مشال، نسيبه، شميم آرا پنهور، روبينا عرفان کي به نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻن ميمبرن عديل احمد، حزب الله ڀيو، ارسلان تاج حسين، عارف مصطفيٰ جتوئي ۽ عمران علي شاهه، علي غلام ۽ طاهره کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن مير سڪندر علي، مير محمد اڪبر ۽ سردار يار محمد رند، عبدالرشيد، عبدالواحد صديقي، مير حمل ۽ بي بي شاهينه کي به نااهل قرار ڏنو آهي.