| عارف علوي ڪٽنب جا اڪائونٽ بند ڇو ؟ سائبر ڪرائيم کان پڇاڻو |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس 12 گهر ڀاتين جا بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ واري ڪيس ۾ اين سي آءِ اي جي جاچ آفيسر کي دخواستگذارن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد اڳڀرائي واري رپورٽ جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو. ٻڌڻي دوران اڳوڻي صدر عارف علوي جو پٽ ۽ ڌيءَ پيش ٿيا، عدالت مذهبي نفرت جي الزامن تي پاڻمرادو ڪارروائي ڪرڻ تي اين سي آءِ اي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو, عدالت چيو ته درخواستگذار اهڙو ڇا ڪيو، جنهن ڪري جاچ شروع ٿي؟ جاچ آفيسر چيو ته درخواستگذار اڳوڻو صدر آهي، هن اعتراض جوڳو بيان ڏنو، ويڊيو وائرل ٿيڻ ۽ عوامي رد عمل کان پوءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي، جسٽس مبين لاکي چيو ته ڇا ڪنهن لکت ۾ شڪايت داخل ڪئي هئي ؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته ڪنهن به شڪايت ناهي ڪئي، عوامي رد عمل تي پاڻمرادو ڪارروائي ڪئي، عدالت چيو ته ڇا بيان ايترو خوفناڪ هو جو عوامي رد عمل اين سي آءِ اي تائين پهتو ۽ اوهان پاڻمرادو اختيار استعمال ڪيو؟ عدالت وڌيڪ چيو ته عارف علوي جي سموري خاندان جا بينڪ اڪائونٽ ڇو بند ڪيا ويا؟ ڇا اهي بينڪ اڪائونٽ مني لانڊرنگ يا مالي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهيا هئا؟ عدالت چيو ته اوهان ڪهڙي قانون تحت بينڪ اڪائونٽ بند ڪيا ؟ عدالت جاچ آفيسر کان سوال ڪيو ته ڇا درخواست گذار ڪنهن به قسم جي ٽرانزيڪشن نٿو ڪري سگهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته پئسا بينڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي سگهجن ٿا پر ڪڍي نه ٿا سگهجن، عدالت چيو ته جيڪڏهن هر ڪنهن جا بينڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪيا وڃن ته اهي پنهنجن روزاني خرچن کي ڪيئن منهن ڏيندا ؟ عدالت چيو ته اين سي آءِ اي بنا شڪايت ڪنهن خلاف جاچ ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟ اسان کي ٻڌايو ته اڪائونٽ ڪهڙي قانون تحت بلاڪ ڪيا ويا ؟ جاچ آفيسر چيو ته درخواستگذار عارف علوي ملڪ کان ٻاهر آهي، نوٽيس باوجود پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پيش نه پيو ٿئي ، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته درخواستگذار جو پٽ ۽ ڌيءَ عدالت ۾ موجود آهن، اهي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ چاهين ٿا، ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس زال هن وقت دبئي ۾ آهن، وڪيل چيو ته قانون کين ڇوٽ ڏئي ٿو پر اهي ڪنهن به قسم جي ڇوٽ نٿا چاهين، وڪيل چيو ته ڊاڪٽر عارف علوي جي ڪلينڪ مان ڪمايل آمدني اڪائونٽ ۾ اچي ٿي، جيڪا سندس گهر ڀاتي استعمال نٿا ڪري سگهن۔