عاشور جو ڏينهن عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو: شرجيل ميمڻ
جُولاءِ 6, 2025
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ )سڌ سماءُ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ طرفان ڪربلا جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته عاشور جو ڏينهن حضرت امام حسين عليه السلام ان جي اهلبيت ۽ جان نثارن جي عظيم قرباني ياد ڏياري ٿو، هن چيو ته ڪربلا جا شهيد حق، صداقت ۽ عدل جا علمبردار هئا،عاشور ڏهاڙي کي عقيدت، يڪجهتي ۽ انسانيت جي احترام سان ملهايو وڃي،سندس چوڻ هو ته سمورن مڪتب فڪر ۽ مذهبن وچ ۾رواداري، امن ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ ئي هن دنيا جو اصل پيغام آهي.