عاصم اظهر جي ڪنسرٽ ۾ هانيا عامر جي شرڪت: وڊيو وائرل

عاصم اظهر جي ڪنسرٽ ۾ هانيا عامر جي شرڪت: وڊيو وائرل

ڪراچي ( شوبز نيوز) عاصم اظهر جي ڪنسرٽ ۾ هانيا عامر جي موجودگي سوشل ميڊيا تي وائرل،اداڪارا هانيا عامر ڪراچي ۾ ڳائڻي عاصم اظهر ۽ صوفي گلوڪاره عابده پروين جي ڪنسرٽ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن جون ڪيترائي وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.رپورٽن موجب هانيا عامر سامعين ۾ موجود هئي ۽ ڪنسرٽ مان ڀرپور لطف اندوز ٿيندي نظر آئي.کيس عاصم اظهر جي پرفارمنس دوران گيت ٻڌندي، وڊيوز ٺاهيندي ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن سان گڏ محفل مان لطف وٺندي ڏٺو ويو.هانيا جي موجودگي کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي سندس ۽ عاصم اظهر جي لاڳاپن بابت افواهن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. بهرحال، ٻنهي مان ڪنهن به انهن افواهن جي نه تصديق ڪئي آهي ۽ نه ئي ترديد.