عاطف اسلم جو “صبح آئي نا”31 جولاءِ تي ايندو

عاطف اسلم جو “صبح آئي نا”31 جولاءِ تي ايندو

لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) ٻن ڏهاڪن کان ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ناميارو گلوڪار عاطف اسلم 31 جولاءِ تي پنهنجي نئين ميوزڪ البم ’صبح آئي نا‘ ذريعي مداحن کي هڪ ٻيرو ٻيهر محظوظ ڪرڻ لاءِ تيار آهي. عاطف اسلم ڏکڻ ايشيا جي انهن ڪجهه فنڪارن مان هڪ آهي جن جي شهرت ۾ وقت گذرڻ سان گڏ گھٽتائيءَ بجاءِ بي پناهه اضافو ٿيو آهي. معروف آڊيو اسٽريمنگ پليٽ فارم ’اسپاٽي فاءِ‘ (Spotify) جي تازن انگن اکرن موجب عاطف اسلم جا گانا 8 ارب ڀيرا ٻڌا ويا آهن. سندس ماهوار ٻڌندڙن  جو تعداد 3 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، سندس گيت دنيا جي 184 ملڪن ۾ باقاعدگيءَ سان ٻڌا پيا وڃن. روايتي پاپ، فلمي موسيقي ۽ روحاني ڪلام سميت هر صنف ۾ پنهنجن صلاحيتن جو ڌاڪو ڄمائيندڙ عاطف اسلم جي موسيقي اڄ جي نوجوان نسل يعني ’جين زي‘ (Gen Z) ۾ به غير معمولي حد تائين مقبول آهي، سندس گانا ٻڌندڙن ۾ 85 سيڪڙو تعداد نوجوانن جو آهي. پنهنجي نئين البم بابت عاطف اسلم چيو ته:”هيءَ البم منهنجي زندگيءَ جي اندروني انتشار مان نڪري حقيقي ذات سان ملڻ جي سفر جي عڪاسي ڪري ٿو. نئين البم ۾ 8 گانا”صبح آئي نا“، ”سفر ۾ هون“، ”عشق“، ”ليٽس هيو سم فن“، ”سن سجنا“، ”هون عشق ۾“، ”چار يار“ ۽ ”سچي واعدي“آهن.