عالمي اردو ڪانفرنس شروع: روشن مستقبل لاءِ نوجوانن کي فن ۽ ثقافت ذريعي نکاربو: مرادشاهه

ڊسمبر 6, 2024

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ 4 ڏينهن واري 17هين عالمي اردو ڪانفرنس شروع ٿي وئي، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد  شاھه چيو ته سنڌ حڪومت آرٽس ڪائونسل جي ثقافتي سفارتڪاري، نوجوانن کي متحرڪ ڪرڻ ۽  ترقيءَ جي ويزن جي ڀرپور حمايت ڪندي. وڏي وزير پاڪستان جي ثقافتي ۽ فڪري ورثي ۾ ڪراچي جي ڪردار کي ساراهيو. هن فن ۽ ثقافت ذريعي نوجوانن کي نکارڻ جي ڪوششن تي زور ڏنو ته جيئن سڀني لاءِ روشن ۽ جامع مستقبل کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته عالمي اردو ڪانفرنس پاڪستان جي ثقافتي ورثي جي علامت آهي جيڪا ٻولي، فن ۽ اتحاد جي طاقت کي ملهائڻ لاءِ مختلف برادرين کي گڏ ڪري ٿي. ناليواري اديب انور مقصود چيو ته  مونکي اسلام آباد،  لاھور،  پشاور ۽ ڪچي تي ڳالهائڻ کان روڪيو ويو آهي، رڳو ڪراچي تي ڳالهائڻو آھي ـ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جا 2 نمبر ماڻهو سٺا ھئا، ۽ ھڪ نمبر خراب تي ويا، ڪراچي ۾ مردم شماري دوران رڳو مردن کي ڳڻيو وڃي ٿو، عورتن کي نٿو ڳڻپ ڪيو وڃي، ڪراچي اڳتي نٿو وڃي سگهي، اڳتي سمنڊ آھي، آرٽس ڪائونسل جي صدر  احمد شاھ چيو ته اردو ڪانفرنس ۾ مجموعي طور 64 سيشن رٿيل آھن  افتتاحي تقريب کانپوءِ “مين ھون ڪراچي” جي عنوان هيٺ سيشن ٿيو، جڏهن ته اڄ جمعي تي اردو نظم ۾ ڪراچي جو حصو، تقديسي ادب جا روشن چراغ، دنيا بدلائيندڙ عورتون،  نئين نسل جي نمائنده آواز، پاڪستاني ميڊيا عالمي ميڊيا جي تناظر ۾، ڪراچي ڪالهه ۽ اڄ ۽ پختون ثقافت ۽ ادب تي سيشن ٿيندا.

حميد آخوند سميت 5 شخصيتن لاءِ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ

ڪراچي : عالمي اردو ڪانفرنس ۾ آرٽس ڪائونسل پاران مختلف شخصيتن کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنا ويا، ڊاڪٽر پيرزاده قاسم جو ايوارڊ خالد عراقي ۽ حميد آخوند جو ايوارڊ نورالھدي  شاھ  ورتو، پنجابي زبان جي ليکڪا  ثروت محي الدين،  پشتو زبان جي ليکڪ ڊاڪٽر عباسين يوسفزئي،  سرائيڪي جي اديب رفعت عباس کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنا ويا۔

سنڌي ادب ۽ تعليم تي خاص سيشن آچر تي ٿيندا

ڪراچي : عالمي اردو ڪانفرنس جي آخري ڏينهن 8 ڊسمبر تي تعليم جي صورتحال جي سري هيٺ رٿيل سيشن ۾ تعليم جو وفاقي وزير ۽ ايم ڪيو ايم جو سربراھ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي،  تعليم وارو صوبائي وزير سردار شاھه، صادقه  صلاح الدين، مختلف يونيورسٽين جا وائيس چانسلر امجد سراج ميمڻ، مجيب صحرائي، سروش لوڌي ۽ ٻيا ويچار ونڊيندا، سنڌي ادب  واري سيشن ۾ نورالھديٰ شاھه، مھتاب اڪبر راشدي، جامي چانڊيو ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ مھمان ھوندا

Leave A Comment