عالمي امداد ۾ ڪٽوتي: لکين ٻارن جي موت جو خدشو….ڊاڪٽر ڪامران اعواڻ

                 گذريل ٻن ڏهاڪن دوران پاڪستان عالمي ادارن جي سهڪار سان ٻارن جي موتن جي شرح گهٽائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي هئي. پر هاڻي آمريڪا ۽ برطانيه جهڙن ملڪن پاران امداد ۾ اوچتي ڪٽوتيءَ هڪ انساني بحران کي جنم ڏنو آهي. بل گيٽس فائونڊيشن جي تازي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهي ڪٽوتيون پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ صحت جي نظام کي تباهه ڪري سگهن ٿيون. جنهن جو سڀ کان وڏو نشانو اهي ٻار ٿيندا جيڪي اڃا پنهنجي زندگي جي پهرين پنجن سالن جي جدوجهد ڪري رهيا آهن.

                 بل گيٽس فائونڊيشن موجب، ڪيترن ئي ملڪن پاران امداد ۾ ڪٽوتيءَ سبب هن سال ٽيڪنالاجي ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ جي ڪري، ٽئين دنيا ۾ گذريل سال جي مقابلي ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جا تقريبن ٻه لک وڌيڪ ٻارن جي مرڻ جو امڪان آهي. برطانيه ۽ آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن پاران بين الاقوامي امداد ۾ غير معمولي ڪٽوتيءَ کانپوءِ، هن صديءَ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿي رهيو آهي ته ٻارن جي موت جي شرح گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي. گيٽس فائونڊيشن جي رپورٽ ۾ اندازو لڳايو ويو آهي ته 2025 جي آخر تائين 48 لک ٻارن موت جو کاڄ بڻيا آهن. جڏهن ته ان کان اڳ اهو تعداد 46 لک هو.

تاريخي پس منظر ۽ موجوده صورتحال

سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي موت جي شرح سال 2000 کان مسلسل گهٽجي رهي هئي، جڏهن اهو تعداد هڪ ڪروڙ هو. پر هاڻي صورتحال بدلجي رهي آهي.گيٽس فائونڊيشن ٻڌايو آهي ته، ”هي سال افسوس سان هن صديءَ جو پهريون سال هوندو جتي اها ترقي نه صرف رڪجي وئي آهي، پر هاڻي ابتي رخ ۾ وڃي رهي آهي. موت جو سڀ کان وڏو سبب بين الاقوامي امداد ۾ ڪٽوتي آهي.“ رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جڏهن اوچتو امداد روڪي ويندي آهي ته ان جا نتيجا انساني جانين جي صورت ۾ نڪرندا آهن. جيڪڏهن صحت جي فنڊز ۾ 20 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي وئي ته 2045 تائين وڌيڪ 12 ملين ٻار مري سگهن ٿا.

فائونڊيشن جي سربراهه بل گيٽس جو چوڻ آهي ته، ”اهڙي بيماريءَ سان ٻار جو مرڻ انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، جنهن کي روڪڻ اسان ڄاڻون ٿا. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دنيا ٻارن جون جانيون بچائڻ ۾ ترقي ڪئي، پر هاڻي اها ترقي پوئتي ٿي رهي آهي. ان جو مطلب آهي ته ٻارن جا 5 هزار کان وڌيڪ ڪلاس روم ختم ٿي ويندا، ان کان اڳ جو اهي ٻار پنهنجو نالو لکڻ يا بوٽن جا تسمر ٻڌڻ سکي سگهن“.

پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا بابت انگ اکر

ڏکڻ ايشيا دنيا جي انهن علائقن مان هڪ آهي، جتي ٻارن جي موت جي شرح اڃا تائين هڪ وڏو چيلنج آهي. ان خطي ۾ امدادي ڪٽوتين جو اثر هن ريت پئجي سگهي ٿو. هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ هر 1,000 زنده ڄاول ٻارن مان اٽڪل 52 ٻار پنجن سالن جي عمر تائين پهچڻ کان اڳ فوت ٿي وڃن ٿا. عالمي امداد ۾ ڪٽوتيءَ سبب پاڪستان ۾ پوليو، مليريا ۽ غذائي کوٽ جي پروگرامن تي سڌي ريت اثر پوندو. عالمي سطح تي جيڪي 2 لک اضافي موت جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، ان جو هڪ وڏو حصو (اٽڪل 20-25 سيڪڙو) ڏکڻ ايشيائي ملڪن (پاڪستان، افغانستان ۽ بنگلاديش) ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ ته هتي صحت جي بجيٽ جو وڏو حصو پرڏيهي امداد تي مدار رکي ٿو. ڏکڻ ايشيا ۾ ٻارن جي موتن جا ٽي وڏا سبب نمونيا، دست (Diarrhea) ۽ مليريا آهن. امداد بند ٿيڻ سان انهن جي ويڪسين ۽ دوائن جي فراهمي متاثر ٿيندي.

طبي نقطي نظر کان، فنڊنگ ۾ گهٽتائي صرف هڪ انگ ناهي، پر ان جا جسماني ۽ حياتياتي نتيجا انتهائي خطرناڪ آهن. ميڊيڪل سائنس موجب، ٻارن جي مدافعتي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ويڪسين ضروري آهي. فنڊنگ ۾ ڪٽوتيءَ جو مطلب آهي، ويڪسين نه ملڻ ڪري ٻارن ۾ “Herd Immunity”  ختم ٿي ويندي، جنهن سان خسرہ (Measles) ۽ پوليو جهڙيون وبائون ٻيهر پکڙجي سگهن ٿيون. پاڪستان ۽ افغانستان دنيا جا آخري ملڪ آهن، جتي پوليو موجود آهي. امداد ۾ ڪٽوتي هن عالمي مهم کي ناڪام بڻائي سگهي ٿي.

غذائي کوٽ (Malnutrition) ۽ اسٽنٽنگ

ڏکڻ ايشيا ۾ ٻارن جي وڏي تعداد “اسٽنٽنگ” (عمر جي لحاظ کان قد ننڍو رهجي وڃڻ) جو شڪار آهي. غذائي کوٽ سبب ٻارن جو مدافعتي نظام ايترو ڪمزور ٿي وڃي ٿو، جو هڪ معمولي زڪام يا دست به موتمار ثابت ٿئي ٿو. غذائي کوٽ ٻارن جي ذهني صلاحيتن کي مستقل طور تي متاثر ڪري ٿي، جنهن جو نتيجو مستقبل جي افرادي قوت جي ڪمزوريءَ جي صورت ۾ نڪري ٿو.

مليريا ۽ نمونيا جو وڌندڙ خطرو

رپورٽ ۾ مليريا جي ويڪسين جو ذڪر خاص طور ڪيو ويو آهي. مليريا جون دوائون ۽ مڇرداڻيون گهڻو ڪري عالمي فنڊ (Global Fund) مان اچن ٿيون. برطانيه پاران هن فنڊ ۾ 15 سيڪڙو ڪٽوتي سڌي ريت پاڪستان جي انهن علائقن تي اثر انداز ٿيندي، جيڪي ٻوڏ کان متاثر آهن ۽ جتي مليريا عام آهي. طب جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ ويڪسين جي قيمت ڪجهه ڊالر آهي، پر جڏهن ٻار بيمار ٿي اسپتال پهچي ٿو ته ان تي سوين ڊالر خرچ ٿين ٿا. امداد بند ڪرڻ سان مقامي اسپتالن تي بار به وڌي ويندو آهي. جيئن رپورٽ ۾ چيو ويو ته ويڪسين تي خرچ ٿيندڙ 1 ڊالر 54 ڊالرن جو معاشي فائدو ڏئي ٿو، تنهنڪري هي ڪٽوتي دراصل هڪ وڏو معاشي نقصان آهي.

پوليو: هڪ عالمي جنگ جو نازڪ موڙ

پاڪستان دنيا جي انهن آخري ٻن ملڪن مان هڪ آهي، جتي پوليو وائرس اڃا تائين موجود آهي. امداد ۾ ڪٽوتي هن مهم تي هن ريت اثر انداز ٿيندي. پوليو مهم جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ خرچ عالمي فنڊز مان اچي ٿو. فنڊ گهٽجڻ سان لکين ٻار ويڪسين کان محروم رهجي سگهن ٿا. جيڪڏهن نگراني (Surveillance) ۽ ويڪسين مهم سست ٿي، ته وائرس انهن علائقن ۾ ٻيهر پکڙجي سگهي ٿو، جيڪي اڳ ئي “پوليو فري” قرار ڏنا ويا هئا. ان جو نتيجو عمر ڀر جي معذوريءَ جي صورت ۾ نڪرندو. برطانيه پاران “گلوبل فنڊ” ۾ 15 سيڪڙو ڪٽوتيءَ سبب پاڪستان ۾ مليريا جي دوائن جي به کوٽ ٿي سگهي ٿي، جنهن سان هر سال هزارين اضافي ٻارن جي موت جو خدشو آهي.

طبي ماهرن موجب، جڏهن امداد روڪي ويندي آهي ته رڳو علاج ناهي رڪبو، پر “بچاءُ جو نظام” (Preventive Healthcare) تباهه ٿي ويندو آهي. پاڪستان ۾ صحت جي بنيادي ڍانچي جي ڪمزوريءَ سبب، جڏهن عالمي فنڊ بند ٿين ٿا، ته مقامي اسپتالون مريضن جو بار برداشت نه ڪري سگهنديون آهن، جنهن سان پهرين 28 ڏينهن جي ٻارن (Neonatal) جي موت جي شرح ۾ تيزي سان اضافو ٿئي ٿو. بل گيٽس فائونڊيشن جي اها رپورٽ پاڪستان لاءِ هڪ سنگين چتاءُ آهي. امداد ۾ ڪٽوتي صرف ڪاغذي انگ اکر ناهن، پر اهي لکين ٻارن جي زندگين تي موت جو در به کڙڪائن ٿا. جيڪڏهن عالمي قوتن پنهنجي فيصلن تي نظرثاني نه ڪئي ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن پنهنجي صحت جي بجيٽ ۾ خودمختياري پيدا نه ڪئي، ته اسان هن صديءَ جي سڀ کان وڏي انساني الميئي جا شاهد بڻجي سگهون ٿا. ٻارن جي جان بچائڻ لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي فوري طور تي صحت جي فنڊز کي بحال ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڏکڻ ايشيا ۽ خاص طور تي پاڪستان لاءِ هي رپورٽ هڪ خطري جي گهنٽي به آهي. جيڪڏهن عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو، ته گذريل 25 سالن جي محنت (ٻارن جي موتن ۾ ڪمي) ضايع ٿي سگهي ٿي.