عالمي برادري ڀارتي دهشتگردي جو نوٽيس وٺي، ڪنهن به اڳرائي جو فوري ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو: حڪومت/فوج
مَي 2, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪ فوج دشمن کي جواب ڏيڻ لاءِ تيار، جنگي مشقون جاري، آرمي چيف جائزو ورتو، وزيراعظم ۽ صدر ۾ ملاقات، ڀارتي جارحيت ۽ سلامتي صورتحال جو جائزو، ملاقات ۾ چيو ويو ته عالمي برادري ڀارتي دهشتگردي جو نوٽيس وٺي، ڪنهن به قسم جي جارحيت جو پاڪستان منهن ٽوڙ جواب ڏيندو. تفصيل موجب صدر آصف زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف جي ايوانِ صدر ۾ ملاقات ٿي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم، اسحاق ڊار ۽ وزير قانون اعظم نذير تارڙ به موجود هئا. ملاقات ۾ پهلگام حملي کانپوءِ ڀارت سان وڌندڙ ڇڪتاڻ بعد ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، ٻنهي اڳواڻن ڀارتي جارحاڻي رويي ۽ اشتعال انگيز بيانن تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. پڌرائي ۾ چيو ويو ته ڀارتي رويي سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي. پاڪستان پنهنجي علاقائي سالميت ۽ خودمختياري تي ڪڏهن به سمجھوتو نه ڪندو. ڪنهن به قسم جي جارحيت جو پاڪستان منهن ٽوڙ جواب ڏيندو. پاڪستاني قوم متحد ۽ پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته پاڪ فوج هر قسم جي خطري يا جارحيت جو سخت جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ملاقات ۾ ڀارت جي جارحانه رويي ڪنهن به امڪاني جارحيت ۽ بغير ڪنهن جاچ جي لڳايل الزام تي جو جائزو ورتو ويو. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پهلگام حملي بابت ڀارت جي قيادت طرفان بي بنياد الزامن تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. پاڪستان ٻه ڏهاڪن کان دهشتگردي جو شڪار رهيو، تمام گهڻي انساني ۽ معاشي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو. عالمي برادري کي ڀارت جي پاڪستان اندر دهشتگردي لاءِ مالي مدد، تربيت ۽ مداخلت جو نوٽيس وٺڻ گھرجي. صدر زرداري پاران ڀارتي بي بنياد الزامن تي حڪومت جي ذميوار ردعمل ۽ حڪمت عملي جي تعريف ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ هر ضروري قدم کڻندو. ملاقات ۾ ڪشميري عوام جي حق خوداراديت لاءِ اقوام متحده جي قراردادن تي عملدرآمد تي زور ڏنو ويو. وزيراعظم، ڪووڊ 19 مان صحتيابي تي صدر کان طبيعت پڻ معلوم ڪئي. هوڏانهن پهلگام واقعي کان پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ سبب پاڪ فوج ڪنهن به اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جون جنگي مشقون ڀرپور نموني جاري آهن، جنگي حڪمت عملي کي نظر ۾ رکندي جديد هٿيارن جو عملي مظاهرو ڪيو ويو، جنگي مشقن جو مقصد دشمن جي ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ٽله فيلڊ فائرنگ رينج ۾ هيمر اسٽرائيڪ مشقن جو جائزو ورتو، مشقن ۾ فوجي جوانن جديد هٿيارن سان زبردست مهارت جو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير ڀارت کي وارننگ ڏيندي چيو ته ڀارت جي فوجي مس ايڊوينچر جو ترت ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو، هن چيو ته پاڪستان علائقائي امن جي خواهش رکي ٿو پر قومي مفادن جي تحفظ لاءِ اسان جي تياري ۽ عزم پُختو آهي.