| عالمي برداري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون: بلاول |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري برطانيا، ناروي، آسٽريليا جي پارليامينٽرينز ۽ عالمي ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪاري جي اڳواڻن جي وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بلاول ڀٽو زرداري ۽ عالمي ڪاروباري و پارلياماني وفد وچ ۾ گڏيل تعاون متعلق مختلف معاملا بحث هيٺ آيا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان دنيا لاءِ هڪ قابل اعتماد دوست ملڪ آهي ۽ اسان پنهنجي عالمي پارٽنرز سان گڏ ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. پاڪستان انفراسٽرڪچر، توانائي، زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ عالمي سيڙپڪارن سان تعاون چاهي ٿو، ۽ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستاني نوجوانن جي تخليقي صلاحيت، اسٽارٽ اپ ڪلچر ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اُڀرندڙ صلاحيت کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي. هن چيو ته ڊجيٽل سيڪيورٽي ۾ تعاون انتهائي ضروري آهي. ملاقات دوران جديد ميڊيا، آن لائن سيفٽي، هائبرڊ وارفيئر ۽ ڊس انفارميشن کي منهن ڏيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. عالمي ڪاروباري، پارلياماني وفد بلاول ڀٽو زرداري کي پاڪستان جي ميڊيا ۽ ڊجيٽل ايڪو سسٽم جي صلاحيت وڌائڻ جي طريقيڪار متعلق به آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ تعليم، صحت، عورتن جي معاشي شرڪت ۽ سماجي شموليت تي پڻ بحث ٿيو.