عالمي جونيئر اسڪواش: مصر جي زڪريا نئون رڪارڊ ٺاهي ورتو

عالمي جونيئر اسڪواش: مصر جي زڪريا نئون رڪارڊ ٺاهي ورتو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) مصر جو 18 ساله محمد زڪريا مسلسل ٽين ڀيرا عالمي جونيئر اسڪواش چيمپئن بڻجي ويو جڏهن ته ڀارت جي انهت سنگھه وومين جونيئر عالمي چيمپئن ٿيڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. ڪئناڊا جي نياگرا آن دي ليڪ ۾ عالمي اسڪواش جونيئر چيمپئن شپ جي فائنل ۾ ٽاپ سيڊ ۽ عالمي نمبر 7 محمد زڪريا پنهنجي هم وطن نمبر 2 سيڊ ايڊم حول کي 1-3 تان شڪست ڏئي مسلسل ٽيون ڀيرو عالمي جونيئر بڻجڻ جو نئون ريڪارڊ قائم ڪيو، هاڻوڪي وقت سندس نظرون عالمي ٽائيٽل تي آهن. وومين ايونٽ جي فائنل ۾ ٽاپ سيڊ ڀارت جي 18 ساله انهت سنگھه مصر جي 2 سيڊ رقيه سالم کي بغير ڪنهن ڏکيا ئي جي 0-3 تان مات ڏئي مصر جي مسلسل 16 سالن جي برتريءَ کي ختم ڪري ڇڏيو.