عالمي منڊي ۾ خام تيل اگهن ۾ لاٿ

جُون 24, 2025

واشنگٽن (پنهنجي ڊيسڪ) ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي جي اعلان کانپوءِ عالمي منڊي ۾ خام تيل جي اگهن ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي آهي.

ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي جي اعلان کان پوءِ عالمي منڊي ۾ برينٽ خام تيل جي اگهن ۾ تقريبن 9 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ برينٽ خام تيل جي قيمت 70 ڊالر في بيرل تي اچي وئي.

رپورٽ موجب عالمي منڊي ۾ ڊبليو ٽي آءِ خام تيل جي قيمت 7.22 سيڪڙو گهٽجي 68.51 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي.

ياد رهي ته ڪجهه ڪلاڪ اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي جو اعلان ڪيو هو.

ايران پاڪستاني وقت موجب صبح 9 وڳي جنگ بندي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسرائيل پڻ پنهنجي هوائي حدون کولي ڇڏيون آهن.

ان کان علاوه مريڪي صدر ٽرمپ پڻ ڌرين کي جنگ بندي جي خلاف ورزي نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين سخت بيمار، لنڊن جي اسپتال ۾ داخل

  • پريالوءِ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾نوجوان قتل

  • جهڏو: لاڪ اپ مان فرار جوابدار ڪراچي مان گرفتار

  • نيب جوڪنڌڪوٽ ۾ڇاپو، خوراڪ کاتي جي عملدارن کان جاچ