عالمي واپاري جنگ جو خطرو ٽري ويو : آمريڪا ۽ چين ۾ رابطو: ٽيرف ۾ 115 سيڪڙو لاٿ تي اتفاق
مَي 13, 2025
جنيوا/واشنگٽن/بيجنگ(م ڊ) آمريڪا ۽ چين 90 ڏينهن لاءِ ٽيرف ۾ 115 سيڪڙو گهٽتائي تي راضي ٿي ويا آهن. جنيوا ۾ چيني عملدارن جي ناڻي واري آمريڪي وزير اسڪاٽ بيسنٽ سان ملاقات ٿي، جنهن دوران ٽيرف گهٽائڻ تي اتفاق ٿيو، جنهن جو اعلان آمريڪي ناڻي واري وزير طرفان ڪيو ويو آهي. ناڻي واري آمريڪي وزير جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ چين هڪ ٻئي جي وچ ۾ لاڳو واپاري ٽيرف ۾ 115 سيڪڙو تائين گهٽتائي تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، ٻنهي ملڪن فيصلو ڪيو آهي ته اهي قدم 90 ڏينهن لاءِ ختم ڪيا ويندا. ٻئي پاسي چين جي واپاري واري وزارت جو چوڻ هو ته آمريڪا سان واپاري ڳالهين ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي، ٽيرف ۾ گهٽتائي ٻنهي ملڪن ۽ سڄي دنيا جي گڏيل مفاد ۾ آهي، اميد آهي ته آمريڪا واپار جي معاملن تي چين سان گڏ ڪم ڪندو رهندو. خابرو اداري موجب ڳالهين ۾ اهو طئي ٿيو آهي ته آمريڪا، چين مان درآمد ٿيندڙ شين تي 30 سيڪڙو ٽيرف لڳائيندو، جڏهن ته چين، آمريڪا مان درآمد ٿيندڙ شين تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪندو.
واشنگٽن/لنڊن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو هڪ ٻيو وڏو قدم کڻي ورتو، حماس سان سڌي ريت رابطو ڪيو، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو بي خبر رهيو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو وچ اوڀر جو دورو اڄ اڱاري کان شروع ٿيندو، حماس جو چوڻ آهي ته آمريڪي شهري جي آزادي جو اعلان ٽرمپ جي آمد کان اڳ نيڪ نيتي جي اشاري طور تي ڪيو آهي، برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل کي ان ڳالهه جي ڪا خبر نه هئي ته آمريڪا ۽ حماس جي اختيارين وچ ۾ سڌي ريت رابطو ٿي رهيو آهي ۽ آمريڪي شهري جي آزادي بابت معاهدو به طئي ٿيو آهي، پرڏيهي ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جا لاڳاپا خراب ٿي رهيا آهن، ٽرمپ ايران جا ائٽمي هٿيار تيار ڪرڻ جي خطري کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ چاهي ٿو، نيتن ياهو فوجي ڪارروائي کي ترجيح ڏئي رهيو آهي، آمريڪا جو اسرائيل تي غزا ۾ جنگبندي جي معاهدي لاءِ دٻاءُ آهي.