| عالمي چيمپئن اسپينش ٽيم جي 2 رانديگرن لاءِ ٽماٽرن جو انوکو انعام |
ميڊرڊ (اسپورٽس نيوز) اسپين جي ٽيم 19 جولاءِ تي فٽبال ورلڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪيو هو، جنهن کانپوءِ رانديگرن تي انعامن جي وسڪار ٿي رهي آهي. پر اسپينش ٽيم جي 2 رانديگرن کي جنهن قسم جو انعام سندن آبائي علائقي جي رهواسين ڏنو، اهو دنگ ڪري ڇڏيندڙ آهي. اسپين جي صوبي اشبيليه جي شهر لاس پيليسيوسي پنهنجي علائقي جي هيروز، فيبيان ريوز ۽ گاوي کي ورلڊ ڪپ کٽڻ ۾ مدد ڪرڻ تي هڪ دلچسپ انعام ڏنو. انهن ٻنهي مڊفيلڊر رانديگرن کي سندن جسماني وزن جي برابر ٽماٽن جو انعام ڏنو ويو. ان سلسلي ۾ تقريب جو انعقاد شهر جي ٽائون هال ۾ ٿيو. اسپين جو هي صوبو ٽماٽن جي پيداوار جي حوالي سان سڃاتو ويندو آهي. فيبيان ريوز جو وزن 85 ڪلوگرام هو جڏهن ته گاوي کي 68.5 ڪلوگرام ٽماٽا ڏنا ويا. 30 ورھين جي فيبيان ريوز ورلڊ ڪپ دوران اسپينش ٽيم لاءِ 366 منٽ ميڊان ۾ گذاريا ۽ ڪوارٽر فائنل ۾ بيلجيئم خلاف ٽيم جو پهريون گول ڪيو. جڏهن ته 21 ورھين جي گاوي ٽورنامينٽ ۾ 85 منٽ ميڊان ۾ گذاريا. شهر جي انتظاميا ٻن فٽبال ميڊانن جا نالا انهن ٻنهي رانديگرن جي نالي تي رکڻ جو پڻ اعلان ڪيو.