عالمي چيمپئن ڀارت کي پهرين ئي ٽي ٽوئنٽي  ميچ ۾ آئرلينڊ هٿان عبرتناڪ شڪست

عالمي چيمپئن ڀارت کي پهرين ئي ٽي ٽوئنٽي  ميچ ۾ آئرلينڊ هٿان عبرتناڪ شڪست

بيلفاسٽ (اسپورٽس نيوز) عالمي چيمپئن ڀارت کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آئرلينڊ 34 رنسن تان شڪست ڏئي اپ سيٽ ڪري ڇڏيو آهي. هيءَ بين الاقوامي ميچن ۾ ڀارت خلاف آئرش ٽيم جي پهرين فتح آهي. بيلفاسٽ ۾ کيڏيل 2 ٽي ٹوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ آئرش ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون. ڪپتان لورڪن ٽڪر 50 جڏهن ته گيرٿ ڊيلاني 49 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي ٽيم کي هڪ مضبوط ٽوٽل فراهم ڪيو. 183 رنسن جي هدف جي پيروي ڪندي عالمي چيمپئن ڀارت جي بيٽنگ لائين هلي نه سگهي ۽ پوري ٽيم 19هين اوور ۾ 148 رنسن تي ڍير ٿي وئي. اڀيشيڪ شرما 20 بالن تي 49 رنسون ٺاهيون پر سندس سوا ڪو به بيٽر نمايان ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو. ائين آئرلينڊ پهرين ٽي ٹوئنٽي ميچ ۾ ڀارت کي 34 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي. آئرلينڊ جي ڊيبيو ڪندڙ فاسٽ بالر ميٽ هولارڊ 3 وڪيٽون وٺي ‘پليئر آف دي ميچ’ جو اعزاز حاصل ڪيو. واضح رهي ته آئرلينڊ پهريون ڀيرو ڀارت کي ڪنهن انٽرنيشنل ميچ ۾ شڪست ڏني آهي.