عالمي ۽ علائقائي منظرنامو

جُون 25, 2023

 پاڪستان مان اڏامي آمريڪا ۾ پناهه وٺندڙ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ۽ حامي اينڪر ملڪي معاملن مٿان پنهنجا خيال پيش ڪرڻ بعد هاڻي جڏهن کٽي پيا آهن، تڏهن هو عالمي سياسي صورتحال تي به پنهنجا قيمتي ۽ حيرتناڪ تجزيا پيش ڪري رهيا آهن. شهباز گل ته مٿان ميار ناهي پر معيد پيرزادي جهڙي سلڇڻي شخص تي اهو افسوس ضرور ٿي رهيو آهي ته عمران خان جي عشق ۾ هاڻي هن جي هٿن مان صحافت جا باقي بچيل ڪبوتر به اڙن ڇو ٿي رهيا آهن.روس ۾ پيدا ٿيل بغاوت نما بيچينيءَ ۾ آمريڪا جو ڪردار ٿي به سگهي ٿو پر روس کي تاريخ جي پسمنظر ۾ ڏسندڙ انسانن کي معلوم آهي ته روسي تمام چيڙها ۽ سخت مزاج ماڻهو هجڻ سان گڏ انتهائي درجي جا قومپرست آهن. روس جي قومپرستي آمريڪي نيشنلزم وانگر آرٽيفيشل ناهي.

روسي دنيا جي اها واحد قوم آهن، جن لاءِ مذهب پوءِ پر وطن اڳ ۾ رهيو آهي. روسين جي عقيدي جون جڙون پنهنجي مٽيءَ ۾ ايتري ته گهرائيءَ ۾ مدفون آهن، جو انهن کي نپولين بونا پارٽ کان وٺي هٽلر تائين ڪو به حملا آور چوري پوري نه سگهيو.روس ۾ آڪٽوبر انقلاب اچڻ جو رستو به رشين قومپرستي هئي ۽ ان انقلاب جي خاتمي جو اصل سبب به اها نيشنلزم ئي هئي، جيڪا افغانستان کان ايندڙ جست جي پيتين ۾ پيل نوجوانن جا لاش ڏسي جوش سان جاڳي پئي. روس دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي، جنهن جي ڪلاسيڪل لٽريچر ۾ “روسي روح” معنيٰ (Russian Soul) جو محاورو محبت ڀري عقيدت سان پيش ٿيندو رهيو آهي.

اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته جنت جي حقيقت کي مرزا غالب وانگر پيش ڪندڙ روس جا ڪميونسٽ رائٽر به ان محاوري کي مقدس ورثو سمجهي پنهنجي ان سيني سان لڳائي ويٺا رهيا، جن مٿان چانديءَ جي چين ۾ پويل ڪراس نه لڙڪندي هئي.روس جو موجوده حڪمران ولاديمير پيوٽن ڪي جي بيءَ جو سربراه هوندي به پنهنجي اندر ۾ اشتراڪي نه هو. هو هاڻي به سرمائيداريءَ واري سياست جي سائيڊ تي بيٺل اڳواڻ آهي پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن سان روس جو عوام نه صرف راضي آهي پر هن کي پسند به ڪندو آهي. ان ڪري اهو ڪنهن به طور تي آسان نه سمجهيو وڃي ته ڪو ويگنار جهڙو گروپ روس ۾ گهرو ويڙهه ڪرائي سگهي ٿو. روس جي لاءِ تشويش ڀري تڙپ کي ڪنٽرول ۾ رکي پاڪستاني ميڊيا جي وحيد مرادن جهڙن چاڪليٽي صحافين کي ان صورتحال تي وڌيڪ فوڪس ڪرڻ گهرجي، جيڪا پاڪستان جي حوالي سان هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا ۾ پيدا ٿي پئي آهي.ڀارت جي پرڌان منتري نريندر موديءَ جو جيڪو آمريڪا ۾ استقبال ڪيو ويو آهي،

ڇا اهو منظر پاڪستان جي ڦٽن مٿان لوڻ ٻرڪڻ لاءِ ڪافي نه هو؟ پر ان اذيت ۾ اضافو ڪندي آمريڪا ڀارت جي اها خواهش به تسليم ڪئي ته گڏيل اعلاميي ۾ پراڪسي ۽ سرحد پار کان ٿيندڙ دهشتگرديءَ ۾ پاڪستان کان ٺوس ڪارروايون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ظاهر آهي ته ڪنهن به شيءَ جو مطالبو ان شخص يا ان قوت کان ڪيو ويندو آهي، جنهن جي هٿ ۾ اها شيءَ هجي. پاڪستان کان آمريڪا ۽ ڀارت پاران دهشتگرديءَ خلاف ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته ڀارت سان آمريڪا ان ڳالهه تي اتفاق ڪري ٿو ته پاڪستان هن مهل تائين دهشتگرديءَ کان پنهنجو پاند آجو نه ڪري سگهيو آهي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ پاڪستان پنهنجي افسوس جو اظهار ڪندي اهڙي گڏيل اعلاميي جي مذمت ڪندي ان ۾ پاڪستان جو نالو شامل ڪرڻ تي احتجاج ڪيو آهي. پر اهو احتجاج ايترو شديد ناهي جو ان سلسلي ۾ ڪا اهڙي سفارتي ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪا عالمي ميڊيا ۾ جڳهه والاري ۽ دنيا تائين اهو پيغام پهچي ته پاڪستان پنهنجي مٿان اهڙي قسم جي ڪنهن به الزام تي سخت ردعمل پيش ڪري سگهي ٿو.

پاڪستان جي پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان کان بهتر هو ته ان سلسلي ۾ وزير اعظم پاڻ بيان جاري ڪري ها يا جيڪڏهن وزير اعظم لاءِ اهڙو بيان جاري ڪرڻ ممڪن نه هو ته گهٽ ۾ گهٽ هو پنهنجي پرڏيهي وزير بلاول ڀُٽي زرداريءَ کي چئي پئي سگهيو ته هو بيان جاري ڪري ۽ نه صرف بيان جاري ڪري پر هو ان سلسلي ۾ باقاعده پريس ڪانفرنس ڪري ته جيئن موديءَ سميت آمريڪا کي اهو اطلاع ملي ته پاڪستان پنهنجي عزت ۽ پنهنجي وقار جو تحفظ ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو سمجهوتو ڪرڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهي. پر هن مهل تائين اهڙي قسم جي ڪا سرگرمي نه ٿي آهي ۽ نه وري ان قسم جي ڪارروائيءَ جو ڪوئي قوي امڪان به آهي. ڇو ته اسان جي حڪمرانن جو اهو منڍ کان وٺي انداز رهيو آهي ته هو پنهنجي ملڪ جي مفادن کان وڌيڪ پنهنجن مفادن کي وڌيڪ اهميت ڏيندا رهيا آهن. اهوئي سبب آهي ته آمريڪا پاران ان قسم جي ڪارروائي ڪرڻ جي باوجود به ملڪ جي حڪمرانن جا چپ سبيل آهن.

پاڪستان سان ان قسم جو توهين آميز رويو رکڻ جي به هڪ تاريخ آهي. جڏهن به پاڪستان جي مٿان اهڙي ڪا مهل آئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان تڪليف ۾ هجي ته آمريڪا ڪا اهڙي مدد نه ڪئي آهي، جنهن سان پاڪستان کي محسوس ٿي سگهي ته هن آمريڪا جو ساٿ ڏئي تاريخي غلطي نه ڪئي آهي. آمريڪا جو جڏهن به پاڪستان ۾ ڪم پيو آهي ته پاڪستان مٿان آمريڪا مهربان ٿي ويندو آهي ۽ پاڪستان ان مهل پاڻ سان ٿيل سمورا ناجائز سلوڪ وساري ڇڏيندو آهي ۽ اهو محسوس ڪرائيندو آهي ته هو ڪيترو نه خوشنصيب آهي جو هن ۾ آمريڪا جو ڪم پيو آهي. پاڪستان جي عزت ۽ هڪ ملڪ جي طور تي هن جي وقار تي جڏهن به ڪو وار ٿيو آهي ته ان جو ڪارڻ سدائين پاڪستان جو معاشي طور تي آمريڪا آڏو محتاج بڻجي پيش ٿيڻ ئي رهيو آهي. جيڪڏهن آمريڪا سان ايران جهڙو ملڪ اکيون ملائي ڳالهائي سگهي ٿو ۽ ان جو سبب اهو آهي جو ايران ڪڏهن به آمريڪا آڏو ڊالرن جي لاءِ هٿ نه ٽنگيو آهي. جيڪا به قوم ۽ جيڪو به ملڪ پنهنجن وسيلن جي مطابق گذارو ڪري ڳاٽ اوچو رکي هلندو آهي ته ان جي عزت ڪرڻ جي سلسلي ۾ پوريون عالمي قوتون مجبور هونديون آهن.

پاڪستان ۾ مبينا دهشتگرديءَ جي ورثي کان آمريڪا پنهنجو دامن ڪڏهن به آجو نه ٿو ڪري سگهي. جڏهن ته هن وقت تائين جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي، ان جو تمام گهڻو نقصان پاڪستان جي پلئه پيو آهي. پاڪستان جي مٿان دهشگرديءَ جا الزام ماضيءَ جي پس منظر ۾ ته ڪا ٻي معنيٰ رکن ٿا پر هن وقت پاڪستان پاڻ دهشتگرديءَ سبب تمام گهڻي تڪليف محسوس ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو. هن وقت به پاڪستان جا ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان واريون سرحدون پاڪستان لاءِ امن امان جي بدناميءَ جو باعث بڻجي رهيون آهن. اهو ڏينهن ڏاڍو مشڪل سان اچي ٿو، جنهن ڏينهن پاڪستان جي محافظ قوتن مٿان ڪو حملو نه ٿو ٿئي. ايترا دهشگرد حملا ته ڀارت ۾ به نه ٿا ٿين، جيترا حملا پاڪستان ۾ ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. ان سموري معلومات هجڻ جي باوجود به جڏهن پاڪستان جي مٿان اهو الزام هنيو وڃي ته پاڪستان دهشتگرديءَ جي نرسري هلائي رهيو آهي ته ان وقت پاڪستان کي پنهنجي پيڙا وڌندي محسوس ٿئي ٿي. آمريڪا کي ته هر شيءَ جي معلومات آهي. آمريڪا ڄاڻي ٿو ته پاڪستان ڪهڙن سببن جي ڪري پنهنجي وجود مٿان ايترا زخم برداشت ڪيا آهن. ڇا اها حقيقت ناهي ته پاڪستان پوري دنيا ۽ پنهنجي عوام جي ڪاوڙ باوجود به آمريڪا کي ڊرون حملن جي اجازت ڏني. پاڪستان جي مٿان دهشتگرديءَ کي هٿي وٺرائڻ جا الزام هڻڻ وقت آمريڪا کي ياد ڪرڻ گهرجي ته جڏهن به آمريڪا کي مدد جي ضرورت پيش آئي ته پاڪستان  پنهنجا اڏا به آمريڪا جي حوالي ڪيا هئا ته جيئن آمريڪا آسانيءَ سان پنهنجن مخالفن جي خلاف ڪارروايون ڪري سگهي. ڇا آمريڪا سان ڀارت ايترو تعاون ڪيو آهي؟ ڀارت آمريڪا کان ورتو وڌيڪ آهي ۽ ڏنو گهٽ آهي. جڏهن ته پاڪستان آمريڪا کان ايترو ڪجهه نه ورتو آهي، جيترو ڪجهه هن آمريڪا کي ڏنو آهي. هن وقت پاڪستان جي حالت اهڙي آهي ته اهو سبب به پاڪستان جو آمريڪي ڪيمپ ۾ رهڻ آهي. اهو پاڪستان ئي آهي، جنهن افغان جنگ ۾ پاڻ کي ملوث ڪيو. جڏهن ته ان وقت پاڪستان هٿ نه وجهي ها ته آمريڪا کي سوويت يونين جو مقابلو ڪرڻ جي جرئت ته ڇا پر جڳهه به نه ملي ها.

پاڪستان پنهنجي ملڪي مفاد کي هڪ پاسي تي رکي آمريڪا جي مدد ڪئي ۽ ان مدد جي ڪري آمريڪا کي تمام وڏو فائدو پيو ۽ هو دنيا جو اڪيلو سپرپاور بڻجي ويو. آمريڪا کي اڪيلو سپر پاور بڻائڻ ۾ اهم ڪردار پاڪستان جو آهي. پر آمريڪا پوءِ به پاڪستان جي مٿان الزام مڙهيندو رهيو آهي. جڏهن ته پاڪستان ڪڏهن به آمريڪا کان ڪنهن معاملي تي انڪار نه ڪيو آهي پر پوءِ به پاڪستان جي فطري دشمن سان وڌيڪ گرمجوشيءَ جو مظاهرو ڪري پاڪستان جي دل رنجائڻ ۽ پاڪستان کي تنها محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ آمريڪا پنهنجي سچي اتحاديءَ سان نهايت سنگين قسم جون زيادتيون ڪيون آهن. هن ڀيري به آمريڪا ڀارت کي خوش ڪرڻ لاءِ اهو ڪجهه ڪيو آهي، جيڪو ڪجهه عالمي اخلاقيات جي باب ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي. ڇو ته آمريڪا کي اهو حق نه ٿو پهچي ته بنا ڪنهن ثبوت جي هو پاڪستان جي مٿان اهڙي تهمت مڙهي، جنهن سان پاڪستان جو اميج وڌيڪ بگڙجي ۽ ان سلسلي ۾ آمريڪا کي محسوس ڪرڻ گهرجي ته ڀارت کي ڀر ۾ ويهاري جڏهن آمريڪا ان قسم جون ڪارروايون ڪري ٿو ته پاڪستان کي نه صرف فطري طور تي تڪليف محسوس ٿئي ٿي پر پاڪستان جو عالمي سطح تي ناقابل تلافي نقصان به ٿئي ٿو.

جڏهن ته پاڪستان کي به هڪ ملڪ جي حوالي سان اهو حق حاصل آهي ته هو صرف پنهنجي پوزيشن جي وضاحت ڪرڻ بدران آمريڪا ۽ ڀارت جي ڳٺ جوڙ مٿان تنقيد به ڪري ۽ انساني حقن جي حوالي سان هو آمريڪا مٿان تنقيد به ڪري ۽ پاڪستان جي لاءِ اهو ضروري ته ناهي ته هو آمريڪا جي هر عمل تي اکيون ٻوٽي ڇڏي. پاڪستان جيڪڏهن يوڪرين جي حوالي سان آمريڪا جي مٿان تنقيد ڪري ته ڇا آمريڪا کي تڪليف نه ٿيندي؟پاڪستان کي آمريڪا سدائين ستايو آهي، پر آمريڪا کي سمجهڻ گهرجي ته هر صبر جي هڪ حد هوندي آهي. آخر آمريڪا پاڪستان کي ان طرف ڇو ڌڪي رهيو آهي؟ جنهن طرف هڪ ديوار آهي. ان ديوار سان پاڪستان جي پٺي ڪيتري وقت کان لڳل آهي پر آمريڪا پاڪستان جي پيڙا کي محسوس ڪرڻ لاءِ ڪنهن به طور تي تيار ناهي. آمريڪا جي ان روش جو انت ڪڏهن ته ايندو؟ ان انتظار ۾ پاڪستان هن وقت تائين ويٺل آهي. اهو ڪٺن انتظار ڪڏهن ته ختم ٿيندو!!

Leave A Comment