تازا ترين
  • *فيصل آباد ۾ انوکو جنازو، فوتي شخص جو مڙهه بينڊ باجا وڄائي آخري آرامگاهه نيو ويو *فوتي جي مرشد کيس هدايت ڪئي هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس بينڊ باجن سان دفنايو وڃي: وارث**
  • *لاڙڪاڻو: ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو *مقابلي دوران ڏوهاري زخمي ٿيو، جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نادر پٽ عبدالرحمان لاشاري طور ٿي: پوليس*
  • * سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ اندر اٽي سميت ٻين شين جي بحران خلاف اپيل تي ٻڌڻي *عدالت ڊي جي بيورو اينڊ سپلائي کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي *عدالت چيف سيڪريٽري کي 3 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو*
  • *جروار ڀرسان 7 مهينا اڳ ڪنڊير شاخ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ وارو مامرو *جروار پوليس پاران مقتول نبي بخش بوزدار جي وارثن جي نشاندهي تي 3 ڄڻا گرفتار *شهمير لغاري، سڌير لغاري ۽ جيوڻ لغاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو: پوليس ذريعا *مقتول جي وارثن ڪوڙو الزام لڳايو، پوليس 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: نهال لغاري*
  • *ڏاهلي ڀرسان عمرڪوٽ ويندڙ تيز رفتار جيپ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي /*ڇاڇرو:جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب جبار پٽ دودو نهڙي فوت ٿي پيو *ڇاڇرو: فوتي جو لاش ۽ زخمين کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو*

عالمگيريت ۽ سنڌي سماج ….عيسيٰ ميمڻ

سنڌي سماج نيم جاگيرداري ۽ نيم سرمائيداري جي وچ ۾ رهندڙ سماج آهي. سنڌ جا شهر جيڪي سرمائيداري جو مرڪز آهن، اهي ڌارين جي حوالي آهن جنهن ڪري سرمائيداري ۾ اسان ڪنزيومر طور تي بيٺا آهيون، ته ٻئي طرف ٻهراڙيوري وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهي. اسان جي ادب تي ٻنهي سماجن جو اثر آهي اڃان به ايئن چئجي ته جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي جو اثر سرس آهي. جنهن ڪري اسان جي ترقي جي رفتار به دنيا سان هم آهنگ نه آهي. اسان جو ادب به اڃان جديدت ۽ جديديت پڄاڻان واري دور ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پر ساهي رهيو آهي، جن اديبن ۽ محققن سنڌي سماج کي جديديت ۽ جديديت پڄاڻان دور ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون آهن، انهن ۾ ڊاڪٽر مظهر علي ڏوتيي جو ڪردار ڪنهن به طرح سان فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. خاص ڪري سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽشنل لئنگويج بڻائڻ لاءِ هن تاريخ جو اهم ڪم ڪيو آهي. هن سنڌي ٻولي کي ڊجيٽل دور ۾ نه صرف هڪ ڌار سڃاڻپ ڏني آهي پر عالمگير تحقيق جي ڏس ۾ پڻ زبردست پيش رفت ڪئي آهي، مستقبل ۾ دنيا اندر اهي ٻوليون جيئريون رهنديون جيڪي ڪمپيوٽشنل لئنگويجز جو حصو هونديون، سنڌي ٻولي ان ڏس ۾ خوشنصيب ٻولي آهي، جيڪا ڊجيٽل دنيا جي ڊوڙ ۾ اڳڀري بيٺي آهي.
ڊاڪٽر مظهر علي ڏوتيي جتي شاهه لطيف جي شاعري ۾ موجود جذبن ۽ احساسن کي ڊيپ لرننگ ماڊل جي ذريعي پيش ڪرڻ، هٿرادو ڏاهپ، نيچرل لئنگويج پروسسينگ ۽ ڪمپيوٽشنل لسانيات جهڙن اهم موضوعن تي ڪم ڪيو آهي، اتي سنڌي سماج کي عالمگيريت کي سمجهڻ لاءِ هي ڪتاب“عالمگيريت ۽ سنڌي سماج“ لکي سنڌي ماڻهن کي جديد دور کي سمجهڻ ۽ ان سان هم رڪاب ۽ هم ڪنار ٿيڻ لاءِ ساراهه جوڳي ڪوشش ڪئي آهي.
سندس هن ڪتاب ۾ نه صرف عالمگيريت کي سمجهڻ جي لاءِ ڪوشش ڪئي وئي آهي پر ان جي فائدن، نقصانن کان وٺي عالمگيريت جي دور ۾ سنڌي ماڻهن جي ڪردار جو تعين ڪرڻ ، انهن کي عالمگيريت جي دور ۾ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هوشيار رهڻ لاءِ رستو به ٻڌايو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ “عالمگيريت”، “نيشنلزم کان عالمگيريت تائين”، “ عالمگيريت ۽ سرمائيداراڻو نظام”، “ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ عالمگيريت”، “عالمگيريت جي دور ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي جو ڪردار”،“ سماجي ميڊيا جي اوسر ۽ عالمگير سماج ٺاهڻ ۾ ڪردار”، “ عالمگيريت ۽ ثقافت”، “ عالمگيريت ۽ ٻولي”، “لنگئا فرئنڪا”، “عالمگيريت جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي حيثيت ۽ ان کي درپيش مسئلا” ۽ “ عالمگيريت ۽ سنڌي سماج” جهڙا ڪارائتا مضمون ۽ مقالا شامل آهن. هي ڪتاب نه صرف موجوده دور ۾ سنڌي سماج جي رستي جو تعين ڪري ٿو پر ايندڙ دور ۾ سنڌي سماج ۽ دنيا جي بيهڪ کان به آگاهه ڪري ٿو، ان ڪري هي ڪتاب بار بار پڙهڻ، سمجهڻ ۽ هانءَ سان هنڊائڻ سانڍڻ جهڙو ڪتاب آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *