عاليه ڀٽ جي ڪينز  فلم فيسٽيول ۾ شاندار شرڪت

عاليه ڀٽ جي ڪينز  فلم فيسٽيول ۾ شاندار شرڪت

لاس اينجلس (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي اداڪاره عاليه ڀٽ ڪينز فلم فيسٽيول 2026 جي افتتاحي ڏينهن تي شاندار انداز ۾ شرڪت ڪئي،  سندس ريڊ ڪارپٽ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندي ئي خبرن جي زينت بڻجي وئي. عاليه ڀٽ کي ‘تمارا رالف’ جو ڊزائين ڪيل هلڪي گلابي رنگ جو گائون پاتل هو، مختلف  وڊيوز ۾ عاليه مرڪندي، هٿ لوڏيندي ۽ ڪيميرائن لاءِ پوز ڏيندي نظر اچي رهي هئي.