| عاليه ڀٽ کي مداحن ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي: اڳوڻو گارڊ |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪاره عاليه ڀٽ جي اڳوڻي باڊي گارڊ ذيشان قريشي انڪشاف ڪيو آهي ته ڪيريئر جي شروعات ۾ اداڪاره کي ايئرپورٽ تي مداحن هراسان ڪيو هو. تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته هڪ ڀيري ڪجهه ماڻهن عاليه ڀٽ سان تصويرون ڪڍرائڻ جي درخواست ڪئي پر هجوم وڌندو ويو ۽ صورتحال بي قابو ٿيڻ لڳي. ماڻهو صفا ويجهو اچي ويا ۽ عاليه ڦاسي پئي، ڪجهه ماڻهن اداڪاره جي جسم جي مختلف حصن کي ڇُهڻ جي ڪوشش به ڪئي، جنهن تي هوءَ خوفزده ٿي وئي.سندس چوڻ هو ته پوءِ عاليا ڀٽ کي رش مان حفاظت سان ڪڍيوويو، انهي ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو ته اڳتي اهڙي صورتحال پيش نه اچي.