عامر تانبا تي فائرنگ واقعي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو شڪ

اپريل 15, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڀارتي دهشتگرد سربجيت سنگهه تي حملي ۾ ملوث عامر تانبا تي فائرنگ جي واقعي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو شڪ آهي

 لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پوليس عامر تانبا تي فائرنگ واري واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي، هن وقت تائين پوليس جو شڪ ڀارت ڏانهن وڃي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته عامر تانبا کان اڳ به قتل جي 4 واقعن ۾ ڀارت ملوث هو

هن چيو ته  بهاول نگر واقعي کي وڏو اشو بڻائڻ جي ضرورت ناهي، بهاول نگر واقعي تي پنجاب حڪومت بهتر جواب ڏئي سگهي ٿي، ٻه ڀائر هڪ گهر ۾ وڙهندا به آهن ته ٺهي به ويندا آهن

Leave A Comment