عامر خان بنا ورزش يا ماني 18 ڪلوگرام وزن گهٽائي ڇڏيو

عامر خان بنا ورزش يا ماني 18 ڪلوگرام وزن گهٽائي ڇڏيو

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان بنا ورزش يا غذا ۾ تبديلي جي 18 ڪلوگرام وزن گهٽائڻ جو راز ظاهر ڪري ڇڏيو، عامر خان هن وقت پنهنجي نئين فلم ‘هيپي پٽيل’ جي پروموشن ۾ مصروف آهي، انهي فلم ۾ عامر خان مک ڪردار ۾ ناهي  پر هن جو فلم ۾ هڪ ڪردار آهي. تازو عامر خان هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته هن ڪڙي ورزش يا ڪريش ڊائٽنگ بنا 18 ڪلوگرام وزن گهٽايو آهي هن چيو ته مائيگرين (مٿي جي سور جو قسم ) جي علاج لاءِ ‘اينٽي انفليميٽري غذا’ واپرائڻ سبب 18 ڪلو وزن گهٽيو،  ساڳئي ريت منهنجي مائيگرين ۾ به ڪافي گهٽتائي آئي آهي. آڪٽوبر 2024 ۾ وديا بالن پڻ اينٽي انفليميٽري غذا ذريعي وزن گهٽائڻ جو ذڪر ڪيو  هو.