عامر خان جي شادي جا رهجي ويل منظر: تصويرون وائرل

عامر خان جي شادي جا رهجي ويل منظر: تصويرون وائرل

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سمال خان عامر جي ٽئين شادي جا رهجي ويل منظر: تصويرون به وائرل، ان ڏس ۾ سپر اسٽار عامر خان ۽ سندس پراڻي ساٿي گوري اسپرٽ آچر تي انتهائي سادي ۽ نجي تقريب ۾ رجسٽرڊ شادي ڪئي، جنهن ۾ گهرڀاتين ۽ دوستن سميت 150 مھمان شريڪ ٿيا. سوشل ميڊيا تي گوري عامر خان پاران شيئر ڪيل تصويرن ۾ عامر خان ۽ گوري اسپرٽ کي شادي جي رجسٽر تي صحيحون ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. عامر اڇي رنگ جي روايتي لباس ۾ جڏهن ته گوري هلڪي پيچ رنگ جي لباس ۾ نظر آئي. هڪ تصوير ۾ گوري جو پٽ منڊي جو  کوکو هٿ ۾ کڻي ٻنهي جي وچ ۾ ويٺل نظر آيو، جڏهن ته عامر جا ٻار آزاد رائو خان، جنيد خان ۽ ايرا خان به ڪاڄ موجود هئا. شادي کانپوءِ ٿيل ريسيپشن ۾ فلم انڊسٽري مان اشوتوش گواريڪر، راج ڪمار هيراڻي، ايلئي آورام، عرفان پٺاڻ ۽ مڪيش امباڻي شريڪ ٿيا،  ياد رهي ته عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي پهرين ملاقات 25 سال اڳ بينگلور ۾ ٿي هئي، بعد ۾ ٻنهي جو رابطو ٽٽي ويو. 2024 ۾ ٻيهر ملاقات کانپوءِ سندن ويجهڙائي وڌي، گوري پنهنجي پٽ سان گڏ ممبئي منتقل ٿي،عامر خان مارچ 2025 ۾ پنهنجي 60 هين سالگرهه جي موقعي تي کيس جيون ساٿي طور متعارف ڪرايو هو.