عامر خان جي هدايتڪاره ڪرن رائو سان شادي برقرار؟

عامر خان جي هدايتڪاره ڪرن رائو سان شادي برقرار؟

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي اڳوڻي زال۽ هدايتڪاره ڪرن رائو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، هن اپينڊڪس سرجري کانپوءِ ‘انسٽاگرام’ تي پنهنجون تصويرون جاري ڪيون آهن. سر ايڇ اين ريلائنس فائونڊيشن جي اسپتال ۾ داخل ڪرن اسپتال پاران مريض کي پائڻ وارو بينڊ (جنهن تي مريض جو نالو لکيل آهي) ۽ پنهنجي هڪ سيلفي پڻ شيئر ڪئي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته عامر خان جو نالو اڃا تائين ڪرن رائو جي نالي سان جڙيل آهي، هن اسپتال ۾ پنهنجو پورو نالو ‘ڪرن عامر رائو خان’ لکيو آهي، جنهن استعمال ڪندڙن جي ذهنن ۾ سوال اٿاريا آهن ته ڇا جوڙي ۾ اڃا تائين طلاق نه ٿي آهي ؟