عامر نواز جي تقريب ۾ نه وڃو: پ پ ايم پي اي وڪيلن کي جھلي ڇڏيو

عامر نواز جي تقريب ۾ نه وڃو: پ پ ايم پي اي وڪيلن کي جھلي ڇڏيو

فيض گنج(ن پ ا) فيض گنج ۾ وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ ۽سندس پهچڻ کان اڳ ئي اڪثر وڪيل هليا ويا، بار جي جنرل سيڪريٽري ۽ چند وڪيلن پاران عامر نواز وڙائچ جو استقبال ڪيو ويو، فيض گنج بار جي جنرل سيڪريٽري آصف چانگ پاران عامر نواز وڙائچ، ڪي بي لغاري ۽ٻين کي دعوت تي گهرايو ويو هو، رات 2وڳي پهتل عامر وڙائچ سندس ساٿين جي پهچڻ کان اڳ ئي بار فيض گنج جي صدر سميت اڪثر وڪيل  تقريب مان هليا ويا، ذريعن موجب اڪثر وڪيلن کي حڪومتي ڌر جي بااثر شخصيتن فون ڪيو، ۽ عامر نواز وڙائچ جي پروگرارم ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو چيو ويو، سوشل ميڊيا تي بااثر پاران وڪيلن کي فون ڪري روڪڻ واريون پوسٽون وائرل ٿي ويون آهن، ان حوالي سان  بار جي جنرل سيڪريٽري وڪيل آصف چانگ الزام هڻندي چيو ته حد جي ايم پي اي مختلف گروپن ۾ وائيس ميسج ڪري وڪيلن کي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ کان روڪيو آهي، هن موجب مهمان جو استقبال ٿيڻ گهرجي ها پر افسوس ٿيو بار فيض گنج جي وڪيلن تي جيڪي پروگرام ۾ شريڪ نه ٿيا، ٻي طرف ايم پي اي شيراز شوڪت راڄپر  ٻڌايو ته وائيس منهنجا آهن پر اهي مڪمل نه آهن، مون فيض گنج جي وڪيلن کي ان ڪري منع ڪيو ته جيڪي مهمان آيا هئا اهي پيپلز پارٽي قيادت خلاف ڳالهائندا آهن، ان ڪري ان پروگرام ۾ وڃڻ جي ضرورت نه آهي.