عام شهري جي گهر ۾ گهڙڻ ڏوهه آهي، ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ گهڙي ڀڇ ڊاهه ڪئي وئي: جسٽس مندوخيل

فيبروري 12, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن ۾ سويلين ٽرائل ڪيس جي ٻڌڻي، جسٽس حسن اظهر چيو ته 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ گهڙي ڀڄ ڊاهه ڪئي وئي، اڄ ڪلهه باهيون ڏيڻ، ڀڄ ڊاهه ڪرڻ فيشن بڻجي چڪو آهي. سلمان اڪرم راجه دليل ڏنا ته مرڪزي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 175 جي شق 3 کان ٻاهر عدالتون قائم نٿيون ٿي سگهن. جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو سروس معاملن ۾ ابتدائي ٻڌڻي محڪماجاتي آهي. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل جي فصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. سزا يافته جوابدار جي وڪيل سلمان اڪرم راجه دليل دوران آرٽيڪل 175 جي شق ٽي تي زور ڏنو ويو. جنهن تحت عدالتن جو قيام صرف آئين جي دائري ڪار ۾ ئي ممڪن آهي. سلمان اڪرم راجه چيو ته فوجي عدالتن کي سويلينز جي خلاف استعمال ڪرڻ آئين جي خلاف آهي. جسٽس نعيم اختر افغان ريمارڪس ڏنا ته ملڪ ۾ 1973 جو آئين ٺهيو، 18 هين ترميم ۾ مارشلا دورن جي سمورن قانون جو جائزو ورتو ويو. اهو ڪم جيڪو پارليمينٽ کي ڪرڻو آهي اهو سپريم ڪورٽ مان ڇو ڪرائڻ چاهين ٿا. جسٽس احسن اظهر رضوي چيو ته 9 مئي واقعن جي فوٽيج ٽي وي چئنلز تي به هلائي وئي. ڪور ڪمانڊرز هائوسز ۾ گهڙي ڀڄ ڊاهه ڪئي وئي. اڄ ڪلهه باهيون ڏيڻ، ڀڄ ڊاهه ڪرڻ هڪ فيشن بڻجي ويو آهي. ڇا دنيا ۾ ڪٿي ڪنهن ڪو ڪمانڊر هائوسز تي حملو ٿيو. جنهن تي سلمان اڪرم راجه جواب ڏنو ته جي ٿيا آهن. ان جون مثالون به ڏيندس. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته ڪنهن عام شهري جي گهر ۾ گهرڻ به ڏوهه آهي. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته جوابدارن جي ملٽري ڪورٽس جي حوالڳي کي چئلينج ڇو نه ڪيو؟ ڇا هي جوابدار پاران لاپرواهي ناهي ڪئي وئي؟ جنهن تي سلمان اڪرم راجه جواب ڏنو ته هي لاپرواهي ناهي ٿي، اوهان سوال پڇيو آهي ته حقيقت ٻڌايان ٿو. 9 مئي جي جوابدارن ۽ انهن جي خاندانن کي سخت حالتن ۾ گذرڻو پيو. 10 جوابدارن ته ٽرائل چئيلنج ڪرڻ لاءِ ته مون کي وڪيل ڪيو هو. هاءِ ڪورٽ پٽيشن فائل ڪرڻ کان پهريان جوابدارن جي فيملي کي ڪال اچي وئي، چيو ويو مهرباني ڪري فائل نه ڪريو. اسان جو گهر ئي نه بچندو. هڪ جوابدار جنيد رزاق پٽيشن واپس وٺڻ کان انڪار ڪيو. سلمان اڪرم راجه چيو ته جوابدارن کي فوجي عدالتن جي حوالگي تي 10 درخواستون تيار آهن. جسٽس مندوخيل چيو جيڪڏهن بنيادي حقن جي خلاف ورزي ٿيندي آهي ته عدالت کي ان جو جائزو وٺڻو وندو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته پنج رڪني بينچ جي مرڪزي فيصلي ۾ ڪجهه ناهي لکيو ويو ۽ انهن ٽو ون ڊي متعلق سوال اُٿاريو. ان دوران جسٽس يحييٰ آفريدي ۽ جستس منيب پنهنجي فيصلن ۾ 2 ون ڊي جي اهميت تي ڳالهايو. جسٽس مندوخيل فوجي عدالتن جي دائره اختيار تي سوال اُٿاريا ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل کان پڇا ڪئي ته ڇا ملٽري ڪورٽ جو دائره اختيار متعلق ڪو فيصلو موجود آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي تفصيل فراهم ڪرڻ جي يقيني ڌهاني ڪرائي. جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي (اڄ) تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave A Comment