اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن کان قومي اسيمبلي، پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا، بلوچستان جي صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊ 2023ع لاءِ چونڊ نشان حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي جماعتن کان درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن
اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي سياسي جماعتون جيڪي چونڊ نشان حاصل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ايڪٽ/ اليڪشن رولز 2017 تحت اهل آهن، اهي اليڪشن رولز 162 جي روشني ۾ مختص ڪيل چونڊ نشانن مان ڪو هڪ چونڊ نشان حاصل ڪرڻ جي پنهنجي درخواست جمع ڪرائين
پارٽي سربراهه پاران صحيح ٿيل درخواستون 19 جولاءِ تائين اليڪشن ڪميشن کي ملڻ گهرجن، سڀني سياسي جماعتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 216 تحت سڀني مندرجات کي نظر ۾ رکندي درخواستون جمع ڪرائين
اليڪشن ڪميشن پاران درخواست سان گڏ جيڪي ڪاغذ/ معلومات ضروري طور طلب ڪئي وئي آهي انهن ۾ چونڊ نشان حاصل ڪرڻ لاءِ چونڊ نشانن جي ترجيحي لسٽ، اهي چونڊ نشان جيڪي ان پارٽي کي گذريل چونڊ ۾ ڏنا ويا هئا، هر درخواست تي پارٽي سربراهه (جيڪو به عهدو هجي) جي صحيح هجڻ ضروري آهي
سياسي جماعت جي هيڊ آفيس جي ايڊريس شامل آهن، درخواستون وصول ٿيڻ تي سڀني سياسي جماعتن جي اهليت اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 215 جي روشني ۾ پرکيون وينديون، اهي سياسي پارٽيون جن فيبروري، مارچ 2023ع ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ چونڊ نشان لاءِ درخواستون ڏنيون هيون اهي درخواست ٻيهر ڏيڻ جون پابند هونديون، اڻ مڪمل ۽ فيڪس ذريعي وصول ٿيل درخواستن تي غور نه ڪيو ويندو
هي بيان جاري ٿيڻ کان اڳ چونڊ نشانن لاءِ وصول ٿيل درخواستن تي به غور نه ڪيو ويندو، اهي تمام سياسي پارٽيون جن هي پريس رليز جاري ٿيڻ کان اڳ چونڊ نشانن لاءِ درخواستون ڏنيون آهن اهي به ٻيهر نيون درخواستون جمع ڪرائين، مقرر ڪيل تاريخ 19 جولاءِ 2023ع کان پوءِ ملندڙ درخواستن تي به غور نه ڪيو ويندو، چونڊ نشان حاصل ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 206 تحت لاڳاپيل نموني تحت حلف نامو گڏ لڳائڻ ضروري آهي