عام چونڊون ملتوي ڪريو: سينيٽ مان ٺهراءُ اڪثريت سان منظور، اليڪشن 8 فيبروري تي ئي ٿيندي: اليڪشن ڪميشن جو اعلان

جنوري 6, 2024

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) جمھوريت جي علامت تصور ٿيندڙ سينيٽ جي ايوان جو جمھوريت مٿان وار، سينيٽ جي ايوان اڪثريت راءِ سن ملڪ اندر 8 فيبروري 2024 تي رٿيل چونڊون ملتوي ڪرڻ جي حق ۾ قرارداد منظور ڪري ڇڏي. تفصيل موجب سينيٽ جو اجلاس جمعي نماز جي وقفي کان پوءِ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو. جنھن دوران سينيٽ ۾ آزاد ميمبرن جي پارلياماني ليڊر دلاور خان اوچتو قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت گھري، جيڪا قرارداد اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل نھ ھجڻ سبب سينيٽ چيئرمين کيس رولز معطل ڪرڻ جو موشن پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. 8 فيبروري تي رٿيل عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ واري قرارداد معطل ڪرائڻ بابت موشن جي ڪنھن بھ ميمبرن مان ڪنھن بھ مخالفت نھ ڪئي جنھن کان پوءِ دلاور خان ايوان ۾ 8 فيبروري تي رٿيل چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ ٻن صفحن تي ٻڌل قرارداد پيش ڪئي جنھن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. قرارداد منظور ٿيڻ وقت پ پ جو بھرامند تنگي، مسلم ليگ ن مان افنان اللھ خان، تحريڪ انصاف مان گرديپ سنگھ، مسلم ليگ ق پرويز الاھي گروپ جو ڪامل علي آغا سميت باپ پارٽي، فاٽا ۽ بلوچستان مان آزاد ميمبر موجودا ھئا جن مان افنان اللھ خان قرارداد جي منظوري جي مخالفت ڪئي. جڏھن تھ پي ٽي آءِ ۽ پ پ جي ميمبرن مخالفت نھ ڪئي. جڏھن تھ باپ پارٽي ۽ فاٽا جي آزاد ميمبرن قرارداد جي ڀرپور حمايت ڪئي. سينيٽ ۾ ڪالھ چونڊون ملتوي ڪرائڻ واري قرارداد ٻھ ڀيرا منظور ٿي. ٻيو ڀيرو قرارداد تڏھن منظور ٿي جڏھن سڌ سماءَ ۽ پارلياماني معامرن واري وفاقي مرتضيٰ سولنگي ايوان ۾ آيو تھ سينيٽ چيئرمين کيس مخاطب ٿيندي چيو تھ ڇا ھن قرارداد جي حڪومت حمايت ڪري ٿي. جنھن تي مرتضي سولنگي چيو تھ نگران حڪومت ان قرارداد جي مخالفت ڪري ٿي. جنھن پوءِ وائيس ووٽنگ ٿي جنھن دوران ن ليگ جي افنان اللھ ۽ پي ٽي آءِ جي گرديپ سنگھ مخالفت ڪئي. پ پ جو بھترامند تنگي خاموش رھيو. جڏھن تھ باپ ۽ فاٽا جي آزاد ميمبرن ان قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو. ائين اھا قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ٿي وئي. منظور ٿيل قرارداد ۾ چيو ويو آھي تھ پاڪستان جو آئين ملڪ جي ھر شھري کي ووٽ ڏيڻ جو حق تسليم ڪري ٿو. آزاداڻي ۽ منصفاڻھ چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آھي تھ سمورن علائقن جي ماڻھن کي چونڊ عمل ۾ شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي. منظور ٿيل قرارداد ۾ چيو ويو آھي تھ بلوچستان ۽ ڪي پي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ جنوري ۽ فيبروري دوران سخت سردي ھوندي آھي. مختلف علائقن جي رھواسين توڙي سياسي پارٽين سردين وارن علائقن جي شھرين جي چونڊ ۾ شرڪت کي يقيني بڻائڻ ۾ مشڪلاتن جو اظھار ڪيو آھي. ھي ايوان تازن واقعن تي بھ ڳڻتي جو اظھار ڪري ٿو جن ۾ جي يو آءِ ف جي سربراھ مولانا فضل الرحمان، محسن داوڙ تي ٿيل حملن جي ڪوششن ۽ اي اين پي جي صوبائي سربراھ ايمل ولي خان کي مليل ڌمڪين واريون فون ڪالز شامل آھن. ايم ولي خان ۽ ٻين سياسي اڳواڻن حفاظت جي  حوالي سان بھ خدشن جواظھار ڪيو آھي. گھرو وزارت مختلف سياسي اڳواڻن جي زندگين کي خطرا ھجڻ متعلق بھ آگاھ ڪيو آھي جنھن سان سياسي پارٽين لاءِ آزادانھ نموني چونڊ مھم ھلائين جي حوالي سان چليئنجز ۾ اضافو ٿيو آھي. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ شھرين تي حملن ۾ نمايان اضافو ٿيو آھي جنھن ۾ قيمتي جانيون بھ ضايع ٿيون آھن. انٽيليجنس ايجنسين ٻنھي صوبن ۾ چونڊ ريلن تي دھشتگردي حملن جي خطرن بابت بھ خبردار ڪيو آھي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻيھر ڪَر کڻڻ سان صحت جي شعبي بابت بھ خدشا آھن. ھي سينيٽ جو ايوان ان عزم جو اظھار ڪري ٿو تھ سينيٽ وفاقي يونٽن جي حقن جو محافظ آھي. چونڊن بابت جائز خدشن کي ختم ڪرڻ بغير ۽ چونڊ مھم لاءِ موقعا فراھم ڪرڻ، سياستدانن ۽ شھرين جي تحفظ جي ضمانت ڏيڻ کانسواءِ چونڊون ڪرائڻ شھرين جي بنيادي حقن جي خلاف ورزي جي برابر آھي. پاڪستان جي سمورن علائقن ۽ سمورن سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ ماڻھن جي موثر شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ 8 فيروري 2024 تي رٿيل چونڊ شيڊول کي ملتوي ڪيو وڃي. جنھن جو مقصد چونڊ عمل ۾ شرڪت جي لاءِ آئيني حقن جي تحفظ کي برقرار رکڻ آھي. منظور ٿيل قراداد ۾ اليڪشن ڪميشن مٿان زورڏيندي چيو ويوآھي تھ اليڪشن ڪميشن قرارداد جي روشنيءَ ۾ فوري طور چونڊن جي ملتوي ڪرڻ واري معامري تي عمل درآمد ڪري ۽ اِن ڳالھ کي يقيني بڻايو وڃي تھ نظر ثاني ٿيل تاريخ تي چونڊون پر امن نموني ڪرائڻ لاءِ تمام ضروري قدم کنيا وڃن. رٿيل عام چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ ۽ جاچ پڙتال واري عمل بعد نظر ثاني ٿيل ۽ وڌايل تاريخ وارو شيڊول جاري ڪيو وڃي. ايوان اليڪشن ڪميشن کان اِن اميد جو اظھار ڪري ٿو تھ ڪميشن سمورن اسٽيڪ ھولڊرز،سياسي پارٽين ۽ برادرين جي شڪايتن کي ختم ڪرڻ، آزاد ۽ منصفانھ چونڊن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪندي.سينيٽ چونڊ عمل جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ نظر ثاني ٿيل چونڊ شيڊول تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظھار ڪري ٿي.

Leave A Comment