اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عام چونڊن جي سلسلي ۾ نادرا سڃاڻپ ڪارڊ فوري طور حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي سهولت فراهم ڪري ڇڏي
نادرا چيو آهي ته نارمل، ارجنٽ يا ايگزيڪيوٽو فيس ڏئي درخواست جمع ڪرائيندڙ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪي درخواست جمع ڪرائي چڪا آهن، انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ پرنٽ ڪري ملڪ جي سڀني نادرا آفيسن ۾ موڪليا ويا آهن
نادرا موجب شهري 6 ۽ 7 فيبروري تي نادرا آفيسن مان سڃاڻپ ڪارڊ وصول ڪري سگهن ٿا، سهولت لاءِ سڄي ملڪ ۾ نادرا سينٽرن جو وقت 3 ڪلاڪ وڌايو ويو آهي