ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ ايندڙ عام چونڊن لاءِ دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، سخت مقابلن جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پارٽي کان ناراض پراڻن ورڪرن کي پرچائڻ جو ٽاسڪ عبدالستار بچاڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد بچاڻي پاران جي ڊي اي اڳواڻ سردار خير محمد کوکر کي پرچائي ٻيهر پيپلزپرٽي ۾ شموليت ڪرائي آهي
ٻئي پاسي پيپلزپارٽي جي مخالف ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي به ٽنڊوالهيار ضلعي جي ٽنهي تڪن تي پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
ڊاڪٽر قادر مگسي جي هدايت تي ايس ٽي پي به ٽنڊوالهيار جي اڳواڻن عام چونڊن جي سلسلي ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي آهي
هوڏانهن اڳوڻي ضلعي ناظمه ڊاڪٽر راحيله گل مگسي ٽنڊوالهيار ۾ پيپلزپارٽي کي ڪمزور قرار ڏيندي ٽنهي تڪن تي پ پ اميدوارن سان مقابلي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي