عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ نه ٿينديون: اليڪشن ڪميشن جو اعلان

آگسٽ 17, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ اندر عام چونڊون 90 ڏينهن اندر نه ٿي سگهنديون، اليڪشن ڪميشن ٿيل ستين ڊجيٽل آدمشماري جي انگن اکرن تحت نئين سر تڪبنديون ڪرڻ لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، شيڊول مطابق تڪبندين جي حتمي لسٽ 14 ڊسمبر 2023ع تي جاري ٿيندي

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت ۾ ڪالهه اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن تازو ٿيل ڊجيٽل آدمشماري 2023ع جي سرڪاري طور جاري ڪيل انگن اکرن تحت نئين سر تڪبنديون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

اليڪشن ڪميشن تڪبندين ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو، جنهن مطابق 17 آگسٽ کان ملڪ اندر انتظامي يونٽس جون بائونڊريون منجمند تصور ٿينديون، هر صوبي ۽ اسلام آباد لاءِ تڪبندي ڪرڻ لاءِ ڪاميٽيون 21 آگسٽ 2023ع تي قائم ٿينديون، 22 آگسٽ 2023ع کان 31 آگسٽ 2023ع تائين تڪ بندين لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويندا

صوبائي حڪومتن کان ضلعي، تعلقن جا نقشا ۽ آدمشماري جون ضلعي وار رپورٽون ، سينسز سرڪلر بلاڪس جا نقشا حاصل ڪيا ويندا،  پهرين سيپٽمبر کان 4 سيپٽمبر تائين تڪبندين لاءِ جوڙيل ڪاميٽين جي ٽريننگ ٿيندي

 5 سيپٽمبر کان 7 سيپٽمبر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن جي ضلعي وار ڪوٽا طئي ٿيندي، 8 سيپٽمبر کان 7 آڪٽوبر  تائين ابتدائي تڪبندين جي لسٽ شايع ٿيندي، 10 آڪٽوبر کان 8 نومبر تائين تڪبندين تي اعتراض جمع ڪرائي سگهبا

 10 نومبر کان 9 ڊسمبر تائين تڪبندين بابت اعتراضن کي اڪلايو ويندو ۽ ائين 14 ڊسمبر تي تڪبندين جي حتمي لسٽ جاري ٿيندي

 اليڪشن ڪميشن جي ذميوار ذريعن مطابق تڪبندين جي حتمي لسٽ کان پوءِ 90 ڏينهن اندر ملڪ اندر عام چونڊون ڪرائڻ جو شيڊول جاري ٿي سگهندو، جنهن سان قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٽٽڻ کان پوءِ 90 ڏينهن اندر چونڊون نه ٿي سگهڻ وارو مامرو واضح ٿي  ويو آهي

تڪبندين سان گڏ اليڪشن ڪميشن ووٽر لسٽن جي تياري به شروع ڪري ته ان صورت ۾ هاڻي چونڊون مارچ جي پهرين هفتي يا فيبروري جي آخري هفتي ۾ ٿي سگهڻ جو امڪان آهي

Leave A Comment