ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ جو اعلان ۽ شيڊول جاري ڪري
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪٺ پُتليون ٺاهڻ جا تجربا وڌيڪ نٿا هلي سگهن، عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي، چونڊن ۾ عوام جنهن کي به ڪامياب ڪري، اُن کي قبول ڪرڻ گهرجي
هن چيو ته ڪجهه سياستدان ڏکيو ٽائيم گذاري رهيا آهن، کين ٻڌايان ٿو ڊڄو نه، هي توهان جي سياستدان ٿيڻ جي ٽريننگ ٿي رهي آهي
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جا فنڊز روڪڻ جي مذمت ڪيون ٿا، اليڪشن ڪميشن کي چئون ٿا ته سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن تي لڳايل پابندي هٽائي وڃي
سندس چوڻ هو ته نيب جي ڪارروائين کان نه اڳ ڊنا آهيون ۽ نه هاڻي ڊڄنداسين، فيڪ نيوز ذريعي پ پ اڳواڻن جي گرفتارين ۽ اي سي ايل ۾ نالا شامل ٿيڻ جون ڪوڙيون خبرون هلايون ويون، پ پ جي ڪنهن به اڳواڻ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل نه ٿيو آهي