عباس عراقچي جي وري اسلام آباد آمد، فيلڊ مارشل سان ٻيهر ملاقات، پاڪستان ايران کي ٽئين ملڪ سان واپار لاءِ رستو ڏئي ڇڏيو

عباس عراقچي جي وري اسلام آباد آمد، فيلڊ مارشل سان ٻيهر ملاقات، پاڪستان ايران کي ٽئين ملڪ سان واپار لاءِ رستو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد پهچي ويو. عباس عراقچي مسقط کان اسلام آباد پهتو ، جڏهن ته ڳالهين لاءِ تهران مان ايراني وفد به پاڪستان پهچي ويو. ذريعن موجب عباس عراقچي کي مسقط کان ماسڪو وڃڻو هو پر هو ٻيهر اسلام آباد آيو آهي. ايراني پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آمريڪا ايران ڳالهين تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايراني نيوز ايجنسي موجب، ملاقات ۾ خطي جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال، ايران آمريڪا ڇڪتاڻ ۽ امن و استحڪام لاءِ جاري سفارتي ڪوششن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن، دفاعي سهڪار ۽ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي امڪانن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڳالهيون ۽ سفارتڪاري اڻٽر آهن. پاڪستاني قيادت ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار جاري رکندو. هي ملاقات اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن ايران جي پرڏيهي وزير جي تازي دوري ۽ پاڪستان جي متحرڪ سفارتڪاري کي عالمي سطح تي اهم اڳڀرائي طور ڏٺو پيو وڃي. ٻئي طرف پاڪستان ايران کي واپار ۾ سهولت ڏيڻ جو وڏو فيصلو ڪندي پاڪستان ذريعي ڪنهن ٽئين ملڪ لاءِ ايران کي واپار جي اجازت ڏئي ڇڏي. واپار واري وزارت پاڪستان ذريعي سامان ٽرانزٽ آرڊر 2026 جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت امپورٽ، ايڪسپورٽ ڪنٽرول ايڪٽ 1950 ۾ ترميمون ڪيون آهن، حڪم نامو فوري طور لاڳو ٿيندو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اهو حڪم انهن ٽرانزٽ شين جي چرپر تي لاڳو هوندو، جيڪي ڪنهن ٽئين ملڪ مان روانيون ٿين، ٽرانزٽ شيون پاڪستان ذريعي ايران جي ڪنهن هنڌ تائين پهچايون وينديون. پاڪستان طرفان سامان جي چرپر لاءِ روٽ به مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ گوادر، پورٽ قاسم، لياري، اورماڙا، پسني ۽ گبد روٽ شامل آهن. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته خضدار، دالبدين، تفتان، گوادر ۽ تربت جا رستا حڪم نامي جو حصو آهي، جڏهن ته هوشاب، پنجگور، ناگ، بيسيمه، ڪوئيٽا/لڪ پاس ۽ نوڪنڊي جا رستا به حڪم نامي ۾ شامل آهن. نوٽيفڪيشن موجب سامان جي چرپر ڪسٽمز ايڪٽ 1969 تحت ٺاهيل قاعدن ۽ ايف بي آر طرفان مقرر ڪيل طريقي ڪار موجب ٿيندي.
 

 مسقط(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي مسقط ۾ عماني سلطان هيثم بن طارق السيد سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ انهن آبنائي هرمز ذريعي محفوظ گذرڻ ۽ علائقائي سيڪيورٽي تي بحث ڪيو. پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، عباس عراقچي چيو ته وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي موجودگي عدم تحفظ ۽ ورهاست جو سبب بڻجي رهي آهي. ملاقات ۾، عباس عراقچي علائقائي ملڪن تي زور ڏنو ته اهي آمريڪي مداخلت کان آزاد هڪ گڏيل سيڪيورٽي نظام ٺاهين. ٻئي طرف عمان نيوز ايجنسي موجب، سلطان هيثم بن طارق السعيد مسقط ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران انهن علائقائي مسئلن ۽ تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ ثالثي جي ڪوششن تي بحث ڪيو. ٻنهي ڌرين ترقي تي پنهنجن خيالن جو جائزو ورتو، هڪ مستقل سياسي حل لاءِ زور ڏيڻ ۽ خطي جي ماڻهن تي بحرانن جي اثر کي گهٽائڻ جي اهميت تي زور ڏنو، جڏهن ته ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ترجيح تي زور ڏنو. ايجنسي جي مطابق، ايراني پرڏيهي وزير موجوده چئلينجن جي روشني ۾ ڳالهين جي ڪوششن جي حمايت ۽ علائقائي استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ سلطنت عمان جي ڪردار جي تعريف ڪئي.