سيوھڻ ( ن پ و)سيوھڻ جي سيد عبدالله شاهه انسيٽيٽيوٽ ۾ دوائن, ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ اسپتال عملي پاران مريضن سان بدسلوڪي ڪرڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران احتجاج جاري، اسپتال جي گيٽ اڳيان ٻئي ڏينهن به ڌرڻو هڻي بک هڙتال ڪئي وئي
ايس يو پي تعلقي سيوھڻ جي صدر نواز علي رند, منصور چنا, محمد خان سولنگي اصغر شاھاڻي, فريد ٻگھيو, عبدالحڪيم بڙدي, مريد خان بروھي ۽ ٻين مظاھري کي خطاب ڪندي چيو ته سيوھڻ جي سيد عبدالله شاھ انسيٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسپتال سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مرحوم سيد عبدالله شاھ جي نالي منسوب آهي جنهن کي سنڌ سرڪار پاران ماھوار ڪروڙين روپين جي بجيٽ ڏني پئي وڃي پر بدقسمتي سان انتظامي لاپرواھي سبب انسٽيٽيوٽ اندر معياري دوائن جي سخت کوٽ آهي
اڳواڻن چيو ته عملو مريضن سان بهتر سلوڪ به نه پيو ڪري، اختيارين کي شڪايون ڪرڻ باوجود ناروا سلوڪ ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه پئي ٿئي
اڳواڻڻ سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽسز کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺي دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪري مريضن کي سھولتون فراھم ڪيون وڃن