عبدالله شاهه غازي جي ڪرامت يا سائنسي ڪارڻ: ڪراچي هر ڀيري سامونڊي طوفان کان ڪيئن بچي وڃي ٿو؟

جُون 16, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) عبدالله شاهه غازي جي ڪرامت يا سائنسي ڪارڻ ؟ ڪراچي هر ڀيري سامونڊي طوفان کان ڪيئن بچي وڃي ٿو؟ سوشل ميڊيا تي اهو بحث هلي رهيو آهي، سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جڏهن شروع ٿيو هو ته ان جو رخ ڪراچي ڏانهن هو، ان وقت ئي اهو بحث شروع ٿي ويو ته سامونڊي طوفان ڪراچي سان ٽڪرائيندو يا نه؟ سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته ڪراچي ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار آهي ان ڪري سامونڊي طوفان نه ٽڪرائيندو

سوشل ميڊيا تي ڇا چيو ويو؟

منصب ڏاهري، محمد آصف باجڪاڻي، لال خان ڏاهاڻي، عبدالقدير باجڪاڻي، ارباب جاويد علي، رئيس شهزاد خان، وفا خاصخيلي، سيد عمران علي شاهه، علي نواز، ظهير سولنگي، علي عزيز شيخ، سردار شاهه، اي ڪي سومرو، توفيق باجڪاڻي، رياض سولنگي ۽ ٻين پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته سامونڊي طوفان ڪراچي کان اڳ به پنهنجو رخ بدلائيندو آهي  ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ حضرت عبدالله شاهه غازي جو روضو آهي، جنهن جي برڪت سان هر طوفان ڪراچي ۾ اچڻ کان اڳ ئي پنهنجو رخ بدلائي ڇڏيندو آهي

شهزادي راءِ ، مير وزير، عبدالله شاهه غازي جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته طوفان نه ايندو پريشان نه ٿيو، علي رضا ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سامونڊي طوفان تيزيءَ سان سنڌ طرف وڌڻ لڳو حڪومت طرفان طوفان کي روڪڻ لاءِ عبدالله شاهه غازي تي باس باسڻ جو فيصلو ڪيو ويو، طفيل احمد سولنگي لکيو ته دبئي وارن سمنڊ جي پيٽ ۾ پورو نئون شهر “ پام سٽي” جوڙي ماڻهو رهائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ اسان اڃا ان جهيڙي ۾ آهيون ته سائين عبدالله شاهه غازي سامونڊي طوفان “بائپر جواءِ” کي ڪو ٻنجو ڏئي سگهي ٿو يا نه! مجال جو ڪنهن ترقياتي سوچ جو پاسو وٺون

عبدالله شاهه غازي جي ڪرامت يا سائنسي ڪارڻ

سال 1990ع کانپوءِ کان جيترا به سامونڊي طوفان آيا آهن اهي ڪراچي پهچڻ کان اڳ ئي پنهنجو رخ تبديل ڪندا رهيا آهن يا وري ڪنهن جي شدت ڪراچي سان ٽڪرائڻ کان اڳ ئي گهٽ ٿي ويندي آهي جنهن ڪري شهر محفوظ رهيو آهي

ڪراچي جي اڪثر مقامي رهواسين يا مريدن جو مڃڻ آهي ته ڪراچي ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار آهي اها ان جي ڪرامت آهي جو سامونڊي طوفان کان شهر بچي وڃي ٿو

هاڻي اهو بحث به اهم آهي ته ڪراچي هن ڀيري يا هميشه طوفان کان بچي وڃڻ پويان عبدالله شاهه غازي جي ڪرامت آهي يا پوءِ ڪو ٻيو سائنسي ڪارڻ آهي؟

پهريان اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته سامونڊي طوفان ڇو ايندا آهن ۽ ڪراچي جي بچڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟

ڪراچي جون پليٽس رڪاوٽ جو ڪم ڪنديون آهن

قائداعظم يونيورسٽي ۾ شعبي ارٿ سائنسز جي پروفيسر ڊاڪٽر مونا ليزا بي بي سي کي ٻڌايو ته دنيا جا اڪثر ملڪ هن طرح جي سائڪلون کي روڪڻ لاءِ مختلف قدمن کان علاوه سمنڊ ڪناري ديوار تعمير ڪندا آهن ته جيئن ان ديوار سان طوفان ٽڪرائي گهڻي نقصان جو سبب نه بڻجي، ڪراچي ٽن پليٽس (انڊيا، يوروشيا ۽ عريبين) جي بائونڊي تي واقع آهي جيڪي سامونڊي طوفان لاءِ قدرتي رنڊڪ ثابت ٿيندي آهي

ان پليٽس جي ڪري سامونڊي طوفان کي گهمڻ جو موقعو ناهي ملندو ۽ پوءِ اهو رخ موڙي وٺندو آهي، ايئن پنهنجي جاگرافيائي وجهه سان ڪراچي هر ڀيري بچي ويندو آهي، ڊاڪٽر مونا ليزا موجب ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته هر ڀيري اهي پليٽس هن شهر کي محفوظ رکي سگهن ٿيون، هن چيو ته جتي اهي پليٽس ڪراچي لاءِ اهميت اختيار ڪري ويون آهن اتي پاڪستان لاءِ وڏي خطري جو سبب به آهن

پاڪستان ۽ خطي ۾ زلزلا به انهن پليٽس جي چرپر جي ڪري ئي آهن، پاڪستان ٽن هاءِ ايڪٽو پليٽس مارج تي واقع آهي جنهن ڪري اهي ملڪ عالمي گرمي پد ۽ ماحولياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن، اهو ئي سبب آهي جو زلزلا به هاڻي گهٽ وقفي سان ڏسڻ ۾ اچن ٿا

سامونڊي طوفان ڇو ايندا آهن؟

ڊاڪٽر مونا ليزا جو چوڻ آهي ته اهڙيون قدرتي آفتون جن جو تعلق پاڻي سان هوندو آهي انهن جي بنيادي وجهه ٽيمپريچر يعني گرمي پد آهي، پاڪستان ۾ جون جي مهيني ۾ سمنڊ جي سطح تي گرمي پد ۾ 2 کان 3 درجا اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي

چيف ميٽرولاجسٽ ڊاڪٽر سردار سرفرار موجب سادن لفظن ۾ سائڪلون گرمي پد ۽ هوائن جي دٻاءُ جي ڪري پيدا ٿيندا آهن، گرمي پد جيڪڏهن سامونڊي طوفان کي جنم ڏيندي آهي ته پوءِ هوائن جو دٻاءُ ان جو رخ تعين ڪندو آهي

مئي ۽ جون ۾ عربي سمنڊ، اتر انڊيا ۽ بي آف بنگال ۾ اهي سائڪلون ٺهندا آهن، سامونڊي طوفان جو تعلق اسپٽراپيڪل ونڊ سان هوندو آهي، سمنڊ جو ٽيمپريچر سطح کان 50 ميٽر هيٺ تائين 26 کان 28 درجا سينٽي گريڊ ٿي ويندو آهي ته پوءِ ان جي علامتون آهن ته ڪجهه گڙٻڙ آهي، 40فوٽ بلندي تي جڏهن اهي هوائون هونديون آهن ته پوءِ سائڪلون يعني سامونڊي طوفان جو ڪارڻ بڻجي وينديون آهن، هي ايئن آهي جيئن سلنڊر ۾ هوا ڀريندا رهو ۽ پوءِ اها مٿان کان مسلسل نڪرندي رهي

سائڪلون جي عرصي بابت ڊاڪٽر مونا ليزا جو چوڻ آهي ته ان جو تعلق به گرمي پد سان ئي هوندو آهي، جڏهن سائڪلون سست ٿي وڃي ته پوءِ ان جو عرصو ڪلاڪن کان وڌي ڪيئي ڏينهن تائين ٿي ويندو آهي، بائپر جواءِ جو عرصو به وڌي ويو آهي جنهن جو ڪارڻ گرمي پد ۾ گهٽ وقت ۾ گهڻي تبديلي آهي

ڪراچي ۾ سامونڊي طوفانن جي مختصر تاريخ

مئي 1985ع ۾ هڪ طوفان ڪراچي ڏانهن وڌيو هو ۽ ڪراچيءَ کان 100 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ڪمزور ٿي ويو

نومبر 1993ع ۾، ڪيٽيگري 1 جو طوفان سنڌ-گجرات سرحد جي ويجهو سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب رڳو ڪراچيءَ ۾ وڏي برسات پئي

جون 1998ع ۾، ڪيٽيگري 3 جو سامونڊي طوفان ڏکڻ اوڀر سنڌ ۾ جيئن ئي ڪراچي جي ويجهو پهتو ته ان ۾ ڪجهه ماهيگيرن کان سواءِ ڪو به وڏو جاني نقصان نه ٿيو

مئي 1999ع ۾، ڪيٽيگري 3 جو طوفان ڪراچي جي ويجهو ٽڪرايو، جنهن سنڌ جي ساحلي علائقن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، اهو پاڪستان جو رڪارڊ تي بدترين طوفان بڻيو

مئي 2001ع ۾، هڪ ڪيٽيگري 3 جو طوفان گجرات جي سمنڊ سان ٽڪرايو

آڪٽوبر 2004ع ۾ سامونڊي طوفان اونيل ڪراچي سوڌو سنڌ جي سامونڊي پٽي ڏانهن وڌيو پر بعد ۾ رخ تبديل ٿي ويو  ۽ ڪراچي ۾ تيز برساتون ٿيون

جون 2007ع جي شروعات ۾ ڪراچي سپر سائيڪلون گونو کان بچي ويو، جون 2007ع ۾ ئي يمين نالي هڪ طوفان ڪراچي جي ويجهو گذريو

نومبر 2009ع ۾، سائڪلون فائن اڳ ئي سست ٿي ويو هو ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي پٽي تي تيز هوائن جو ڪارڻ بڻيو

جون 2010ع ۾، سائڪلون فيٽ، ڪيٽيگري 4 جو طوفان هو، ڪراچي جي ويجهو ڪمزور ٿي ويو، جيتوڻيڪ طوفاني هوائون ڪراچي ۾ پهتيون. ساڳئي سال نومبر ۾ جل نالي هڪ طوفان به ڪراچي پهچڻ کان اڳ ئي سست ٿي ويو ۽ ڪراچي سوڌو ڏکڻ سنڌ ۾ مٽيءَ جي هوائن سان برسات پئي هئي

2014ع ۾ سامونڊي طوفان نيلوفر به ڪراچي طرف وڌيو هو پر وقت تي ان پنهنجو رخ موڙي ورتو ۽ ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر سامونڊي طوفان کان محفوظ رهيو

Leave A Comment