| عبدالله شاهه غازي شگر مل ڳاڙھو اوچتو بند، ڪمند واپس، 400 پورهيتن کي جواب ملي ويو |
ڪيٽي بندر (رپورٽ: آدم جانيارو) عبدالله شاهه غازي شگر مل ڳاڙھو بنا ڪنهن سبب جي بند ڪئي وئي . انتظاميه طرفان ڪوبه سبب نه ٻڌايو ويو .400 مزدورن کي جواب ملي ويو . ضلعي ٺٽي جي ساحلي پٽيءَ ۾ قائم ال غازي شگر ملز ڳاڙھو جي انتظاميه گذريل ھڪ ھفتي کان شگر مل کي چالو ڪرڻ لاءِ شگر مل جي بوائلر کي باھ ڏئي وئي ۽ مقامي ماڻهن سميت تقريبن چار سئو مزدورن کي ڊيلي ويجز تي رکيو، ڪمند سان ڀريل ٽرڪون پن گھراڻي مئين گيٽ تي بيھاريون .پر شگر مل کي چالو ڪرڻ کان اڳ مل ۾ ڪم ڪندڙ مزورن کي اھو چئي موڪل ڪرائي وئي ته شگر مل جو بوائلر خراب آهي تنھن ڪري سمورن مزدورن کي فارِغ ڪجي ٿو، ڪمند سان ڀريل سوين ٽرڪون ٽريڪٽر ٽرالا پڻ واپس ڪري مل کي تالو ھڻي شگر مل بنا ڪرشنگ جي بند ڪري ڇڏي. ھوڏانھن بي دخل ٿيندڙ ملازمن الھڏنو خاصخيلي .پيار علي ملاح.جبار لاشاري .ھادي بخش لاشاري . عبدالرحمان لاشار، عبد الله شاهه غازي شگر مل جي انتظاميه جي ھن رويي جي سخت لفظن م مذمت ڪندي چيو آهي ته مل ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي بغير ڪنھن نوٽيس جي مل کي بند ڪرڻ مزدور دشمني آهي . جنھن جي ڪري ھزارين خاندان بيروزگار ٿي ويا آهن .شگر مل انتظاميه جي ھن عمل جي ھتان جي سياسي سماجي اڳواڻن مذمت ڪئي آهي .