| عثمان بعد ڀارتين جو بنگلاديشي اڳواڻ حسنات کي قتل جي ڌمڪي |
ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ شاگرد اڳواڻ عثمان هادي جي قتل کان پوءِ هڪ ٻيو سياسي اڳواڻ هندستاني دهشتگردن جو نشانو بڻجي ويو آهي. بنگالي نوجوان اڳواڻ حسنات عبدالله کي هڪ اڳوڻي هندستاني فوج جي ميجر پاران مارڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، جڏهن ته هڪ اڳوڻي هندستاني ڪرنل پڻ حسنات عبدالله جي ڳچيءَ ۾ گولي هڻڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.