عثمان بوزدار گيلاني جو ڊرائيور: پ پ ۾ شموليت جا افواهه رد

عثمان بوزدار گيلاني جو ڊرائيور: پ پ ۾ شموليت جا افواهه رد

لاهور(م ڊ) سوشل ميڊيا تي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار پاران سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي گاڏي هلائڻ واري تصوير وائرل ٿيڻ کانپوءِ يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي حيدر گيلاني چيو آهي ته عثمان بوزدار پيپلز پارٽي ۾ شموليت ناهي ڪئي ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هي صرف هڪ اتفاقي ۽ دلچسپ واقعو هو جيڪو ڊيره غازي خان ۾ پيش آيو. هن ٻڌايو ته منهنجو والد چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني، سردار ذوالفقار کوسا (مرحوم) جي ٽيجهي ۾ شرڪت لاءِ ڊيره غازي خان ويو هو. دعا کان پوءِ دوست محمد کوسا ٻپهرن جي ماني لاءِ پنهنجي ديري تي اچڻ جو ضد ڪيو رش جي ڪري روڊ مڪمل طور تي بلاڪ ٿي ويو. رستو ڪليئر نه ٿيو ته سخت گرمي ۾ هن گاڏي مان لهي پنڌ ئي ديري طرف هلڻ شروع ڪيو. عثمان بوزدار جي گاڏي ۾ ويهاريو ويو جنهن کان پوءِ هو ساڻس گڏ فرنٽ سيٽ تي ويهي رهيو. تصوير عثمان بزدار سان گڏ ايندڙن مان ئي ڪنهن پويان واري سيٽ تان ٺاهي هوندي.