عثمان خواجا پي ايس ايل ۾ پنڊيز جو حصو بڻجي ويو

 عثمان خواجا پي ايس ايل ۾ پنڊيز جو حصو بڻجي ويو

لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر عثمان خواجا کي پاڪستان سپر ليگ جي 11هين ايڊيشن لاءِ راولپنڊي پنڊيز سائن ڪري ورتو.عثمان خواجا پنڊيز ۾ لوري ايونز جي جاءِ تي آيو آهي ۽ هو پنهنجي عالمي ڪرڪيٽ جي تجربي سبب ٽيم کي مضبوطي فراهم ڪندو. عثمان خواجا 88 ٽيسٽ ميچن ۾ 6 هزار 229 رنسون ٺاهيون، جن ۾ 16 سينچريون ۽ 28 ففٽيون شامل آهن. هن ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 40 ميچن ۾ 1554 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ۾ 9 ميچن ۾ 241 رنسون ٺاهيون.