عثمان خواجه پاران ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان: سڊني ۾ جذباتي پريس ڪانفرنس

  عثمان خواجه پاران ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان: سڊني ۾ جذباتي پريس ڪانفرنس

سڊني (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڄائي آسٽريليا جي ڪرڪيٽر عثمان خواجه بين الاقوامي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.عثمان خواجه جو 15 سالن جو ٽيسٽ ڪيريئر صرف ڪرڪيٽ تائين محدود نه هو، پر هو ميدان کان ٻاهر هڪ مضبوط آواز طور به اُڀريو،39سالن جي عثمان خواجه هڪ ڊگهي ۽ جذباتي پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي ڪيريئر ۽ نسلي امتياز ۽ سڃاڻپ جي مسئلن بابت کليل طور تي ڳالهايو.پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ عثمان خواجه پنج سالن جي عمر ۾ آسٽريليا منتقل ٿيو ۽ بعد ۾ آسٽريليا جي قومي ٽيم جي نمائندگي ڪندڙ پهريون مسلمان ڪرڪيٽر بڻيو.هن چيو ته ماضي ۾ هن کي نسلي امتياز کي منهن ڏيڻو پيو ۽ کيس پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ جي ڪوشش ڪرڻي پئي. هن ڪرڪيٽ ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ پاڻ کي ٻين وانگر ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جي باوجود هن کي بار بار ٽيم مان ڪڍيو ويو.عثمان خواجه چيو ته 2012 ۾ ڪوئنزلينڊ منتقل ٿيڻ کان پوءِ هن پنهنجي حقيقي شخصيت کي قبول ڪيو، جنهن جو سندس ڪارڪردگي تي به مثبت اثر پيو.هن چيو ته مان هڪ فخر سان مسلمان آهيان، منهنجو تعلق پاڪستان سان آهي. مون کي ٻڌايو ويو هو ته توهان آسٽريليا لاءِ نٿا کيڏي سگهو ڇو ته مان مسلمان آهيو، پر اڄ هتي آهيان.عثمان خواجه تازو ايشيز سيريز دوران کيس مليل تنقيد کي نسلي تعصب سان به ڳنڍيو، اڃا تائين چيلنجز موجود آهن. هن کي فلسطين جي حق ۾ ڳالهائڻ تي به تنقيد کي منهن ڏيڻيو پيو، پر هن اهو واضح ڪيو ته هو نفرت جي بدران اتحاد ۽ انسانيت جي ڳالهه ڪندو رهندو، عثمان خواجه 2011 ۾ پنهنجو ڪيريئر شروع ڪيو ۽ 15 سالن جي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 6000 کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون آهن.