عثمان شاهه هڙي ويجهو منهن ماري بعد ڌرين ۾ جهيڙو، 2 گرفتار

عثمان شاهه هڙي ويجهو منهن ماري بعد ڌرين ۾ جهيڙو، 2 گرفتار

عثمان شاهه هڙي (ن پ ا) عثمان شاهه هڙي ويجهو ڳوٺ حاجي علو ۾ چوري واري معاملي بعد پئسن جي قسط تان واڍيلا برادري ۽ ڪولهين ۾ منهن ماري بعد جهيڙو ٿي پيو، واڍيلو برادري چندي ڪولھي کي وٺي ويا جنھن تي ڪولھي برادري ٽنڊو الھيار ٽنڊوآدم روڊ بلاڪ ڪري ورتو، عمر ساند پوليس ٻنھي ڌرين کي ٿاڻي تي آندو ڪولھي برادري الزام هڻندي چيو ته چندي ڪولھي کي زبردستي کڻن جي ڪوشش ڪئي وئي، ھوڏانھن واڍيلو برادري جي عبد الرزاق واڍيلو جو چوڻ آھي اسان جي ڇوڪرن فيصلي تحت رھيل پئسن وٺڻ لاء ويا جتي ڪولھين ۽ سندن ڇوڪرن ۾ تلخ ڪلامي ٿي آھي ڪولھي اسان جا پئسا ڦٻائڻ ٿا چاھين  آخري اطلاعن تائين ڌريون ٿاڻي تي موجود ھيون، ٻي طرف ڪولھي برادري جي درخواست تي واڍيلا برادري ٻن ڄڻن محسن واڍيلا ۽ هڪ نامعلوم کي عمر ساند پوليس حراست ۾ ورتو