عثمان شاهه هڙي ڀرسان نوجوان کي نانگ ڪکي وڌو، ويڪسين نه ملڻ سبب فوت

جُولاءِ 15, 2023

ٽنڊوالهيار (خاص نمائندو) عثمان شاھ ھڙي ويجھو ڊاسوڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محبت شاھ بخاري ۾ نوجوان فتح خان مري پنھنجي زرعي زمين تي ڪم ڪندي نانگ  ڪکي وڌو

 نوجوان کي وارث مختلف اسپتالن ۾ کڻائي آيا پر ڪنھن به اسپتال ۾ ويڪسين نه ملي جنهن بعد تڙپندڙ نوجوان کي سول اسپتال ٽنڊوالھيار پهچايو ويو اتي به ويڪسين نه ملڻ ڪري کيس حيدرآباد نيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي نوجوان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو

وارثن جو چوڻ هو ته سول اسپتال ٽنڊوالھيار جي ڊاڪٽرن 5 ڪلاڪ ڪوڙ ھڻي چيو ته ويڪسين آھي پر  نوجوان جي جڏھن حالت خراب ٿي تڏھن اسان جي نوجوان کي حيدرآباد کڻي وڃڻ جو چيو ۽ رستي ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو

Leave A Comment